Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ لِلّٰهِ عَلَى النَّاسِ حِجُّ الْبَیْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ اِلَیْهِ سَبِیْلًاؕ-وَ مَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ(۹۷)
(پاره4،سورةآلِ عمران:97)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ الله جي لاءِ انهن ماڻهن تي ان گهر جو حج ڪرڻ آهي جيڪو انهيءَ تائين وڃي سگهي ۽ جنهن انڪار ڪيو پوءِ الله ساري جهان کان بي پرواھ آهي.
سُبحٰنَ الله! اها به ڪعبي شريف ئي جي خُصُوصِيت آهي جو رُوءِ زمين تي ٻي ڪنهن جاءِ تي حج ناهي ٿيندو، غير مسلمن مسلمانن تي اعتراض ڪندي چيو هو ته بيت المقدس انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو قبلو آهي، الله پاڪ هن آيت ۾ ٻڌايو ته بيت المقدس جيڪر کوڙ سارن نبي سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو قبلو رهيو آهي ته يقيناً اها بيت المقدس جي فضيلت آهي پر * ڪعبو شريف اهو مُقَدَّس مقام آهي جو زمين جي پيدائش کان وٺي قيامت تائين جيڪڏهن ڪنهن جو طواف ڪيو ويندو هو، ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيو ويندو ته اهو ڪعبو شريف ئي آهي، * هي ئي اهو مقام آهي جتي جو طواف ٿيندو هو، ٿيندو آهي ۽ ٿيندو رهندو، * اهو ئي اهو مقام آهي جتي حج ٿيندو هو، ٿيندو آهي ۽ ٿيندو رهندو ۽ اها خُصُوصيت دُنيا ۾ ٻي ڪنهن به مقام کي حاصِل نه آهي. * ڪعبو شريف ئي اهو مُبَارَڪ مقام آهي جو انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام به هن جو حج ڪندا هئا * اَبُو البشر حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام بَرِّصغِير ۾ رهائش فرما هئا، هڪ روايت مطابق پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هتان کان پيادل هلي 70 حج ڪيا بلڪه حضرت اِبنِ عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي رِوايت ۾ آهي: حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام بَرِّ صغير کان پيدل هلي هڪ هزار ڀيرا مڪي پاڪ آيا، ان ۾ 300 ڀيرا حج پڻ ڪيائون ۽ 700 عمرا ادا ڪيائون * حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام به حج ادا فرمايو، * حضرت هود عَلَيۡهِ السَّلَام به حج ڪيو، * حضرت صالِح عَلَيۡهِ السَّلَام، * حضرت شُعيب عَلَيۡهِ السَّلَام به حج ڪيو * بلڪه حديثِ پاڪ ۾ ته آهي: اهي تمام انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جن جي قومن تي عذاب آيا، جڏهن