Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

گھروارن جي لاءِ به مناسب انتظامات ڪري سگھي ٿو ۽ راھ به پُراَمن آهي ۽ ٻيا شرط به پُورا آهن ته ان تي حج فرض آهي، ان تي لازِم آهي ته هو حج جي لاءِ وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي حج فرض نه آهي يا فرض حج ادا ڪري چڪو آهي، پوءِ به ان کي گھرجي ته نفل حج ڪري ڇوته ”حج ڪرڻ انبياء عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي سُنّت“ آهي۔

سلطانِ مڪه، سردارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: حاجي پنهنجي گهروارن مان چار سؤ جي شفاعت ڪندو ۽ گناهن کان ائين نڪري ويندو جيئن ان ڏينهن جڏهن ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو۔ (کَنْزُ الْعُمال، کتاب: حج و عمرہ،جز:5، جلد:3، صفحہ:7، حدیث:11837) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: حج ڪندا رهو، ڇوته حج گُناهن کي اهڙي طرح ڌوئي ڇڏيندو آهي، جيئن پاڻي مير کي ڌوئيندو آهي۔ (معجم اَوْسط، جلد:3، صفحہ:416، حدیث:4997) حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن حاجي کان مُلاقات ڪيو ته ان کي سلَام ۽ مُصَافَحو ڪيو ۽ ان کي چئو ته اهو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان توهان جي لاءِ مَغفِرت جي دعا ڪري، ڇوته ان جي مَغفِرت ٿي چڪي آهي۔ (مشکوٰۃُ المصابیح، کتابُ : المناسِک، فصل:ثالث، جزء:1، جلد:1، صفحہ:472، حدیث:2539)

حضورِ کعبہ حاضِر ہیں حرم کی خاک پر سر ہے                   بڑی سرکار میں پہنچے مقدر یاوری پر ہے

نہ ہم آنے کے لائق تھے، نہ قابل منہ دکھانے کے                   مگر ان کا کرم ذرہ نواز و بندہ پرور ہے

خبر کیا ہے بھکاری کیا کیا نعمتیں پائیں                     یہ اُونچا گھر ہے اس کی بھیک اندازہ سے باہر ہے

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! ذيقعده شريف جو مُبَارَڪ مهينو هلي رهيو آهي، هي اهو مُبَارَڪ مهينو آهي جو هن مهيني ۾ حج جا قافلا نڪرندا آهن، عشق وارا جن جو نصيب ڀلو ٿئي اهي حج تي روانگي جي لاءِ تيارين ۾