Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

مَصرُوف ٿيندا آهن ۽ جِن ويچارن جو ڪو سبب ناهي بڻجندو اهي مڪي ۽ مديني جي ياد ۾ روئيندا، ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ بارگاھ الٰهي ۾ روئي روئي عرض پيش ڪندا آهن ته

بڑا حج پہ آنے کو جی چاہتا ہے                              بُلاوا اَب آئے گا کب یااِلٰہی!

میں مکے میں آؤں، مدینے میں آؤں                    بنا کوئی ایسا سبب یااِلٰہی!

  تقريباً هر سال ئي لکين مسلمان حج جي سَعَادت ماڻيندا آهن پر افسوس! جڏهن کان ڪرونا وائرس آيو آهي، ان سبب جتي زِندگي جا ٻيا مُعَاملات متاثِّر ٿيا آهن، اتي حج جهڙي عظيم عِبَادت تي به ان جو ڪافِي اَثَر ٿيو آهي، پوئين سال به حج ته جيتوڻيڪ ٿيو پر پهرين وانگر لکين مسلمان مڪي پاڪ پهچي نه سگھيا، هن ڀيري به آخري اطلاع مُطَابِق مَحدُود ماڻهن کي مڪي پاڪ جي حاضِري جي اجازت ملي سگھندي۔ الله پاڪ جلد از جلد ڪرونا وائرس جي آفت کان جان ڇڏائي، الله پاڪ هن ڪرونا وائرس کي دُنيا مان ختم فرمائي۔ ڪاش! ٻيهر حاجين جا قافلا مڪي شريف روانا ٿيڻ لڳن ۽ وري پهريان جيان پُرڪيف مناظِر هجن، بهرحال جيڪڏهن اسان حج تي نه به وڃي سگھون تڏهن به پنهنجي دِل ۾ حج جي خواهش ضرور رکڻ گھرجي، جيتوڻيڪ حج تي روانگي جا اسباب نه ٿي سگھن پر اکين ۾ لڙڪ ته هجن، دِل ۾ تڙپ هجي، رات جو، ٿي سگھي ته تهجد جي وقت، تنهائي ۾ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعائون گھرجن،

یارب پھر اَوْج پر یہ ہمارا نصیب ہو                      سُوئے مدینہ پھر ہمیں جانا نصیب ہو

مکہ  بھی ہو نصیب، مدینہ نصیب ہو                         دشتِ عرب نصیب ہو، صحرا نصیب ہو

حج کا سَفَر پھر اے مرے مولیٰ نصیب ہو              عرفات کا، مِنٰی کا نظارہ نصیب ہو

کعبے کے جلووں سے دِلِ مضطر ہو کاش! شاد         لطفِ طوافِ خانۂ کعبہ نصیب ہو

کس طرح شوق سے وہاں کرتے تھے ہم طواف                پھر گِردِ کعبہ جھوم کے پھرنا نصیب ہو