Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

توهان جو قبلو ڪعبو شريف آهي ۽ اسان جو قبلو بيت المقدس (يعني مَسجِدِ اقصٰي) آهي ۽ بيت المقدس جيئن ته ڪعبي شريف کان اَفضَل آهي، لهٰذا اسان جو دِين توهان جي دين کان اَفضَل آهي، پنهنجي هن دعويٰ تي اُنهن غير مسلمن ڪجھ دليل ڏنا؛ مثال طور هڪ دليل اُنهن اهو ڏنو ته بيت المقدس ڪعبي کان پهريان تعمير ٿيو ۽ ڪعبي شريف جي تعمير بعد ۾ ٿي، ان ڪري بيت المقدس کي اول هجڻ جو شان حاصِل آهي، هن مان ثابِت ٿيو ته بيت المقدس اَفضَل آهي، غير مسلمن جو ٻيو دليل اهو هو ته بيت المقدس مُلڪ شام ۾ آهي ۽ مُلڪ شام برڪت واري سر زمين آهي، قيامت جي ڏينهن ميدانِ محشر به هتي ئي ٿيندو (خيال رهي! اُن وَقت مُلڪ شام گھڻو وسيع هو، فلسطين به مُلڪ شام ئي ۾ شامِل هو، ان ڪري غير مسلمن اهو چيو)، اهڙي طرح بيت المقدس انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو قبلو آهي، تنهنڪري بيت المقدس ڪعبي شريف کان اَفضَل آهي۔([1]) غير مُسلمن جي هن اعتراض جي جواب ۾ الله پاڪ سيپاري 4، سوره آلِ عمران جي آيت: 96 ۽ 97 نازِل فرمائي، اِرشاد ٿئي ٿو:

اِنَّ  اَوَّلَ  بَیْتٍ  وُّضِعَ  لِلنَّاسِ لَلَّذِیْ  بِبَكَّةَ  مُبٰرَكًا  وَّ  هُدًى  لِّلْعٰلَمِیْنَۚ(۹۶) فِیْهِ  اٰیٰتٌۢ  بَیِّنٰتٌ  مَّقَامُ  اِبْرٰهِیْمَ  ﳛ  وَ  مَنْ  دَخَلَهٗ  كَانَ  اٰمِنًاؕ-وَ  لِلّٰهِ  عَلَى  النَّاسِ   حِجُّ  الْبَیْتِ  مَنِ  اسْتَطَاعَ  اِلَیْهِ  سَبِیْلًاؕ-وَ  مَنْ  كَفَرَ  فَاِنَّ  اللّٰهَ  غَنِیٌّ  عَنِ  الْعٰلَمِیْنَ(۹۷) (پاره4،سورةآلِ عمران:96-97)     

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ سڀ کان پهريون گهر جيڪو ماڻهن جي عبادت لاءِ مقرر ٿيو اهو آهي جيڪو مڪي ۾ برڪت وارو ۽ ساري جهان لاءِ رهنما آهي. ان ۾ پڌريون نشانيون آهن، ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ ۽ جيڪو ان ۾ آيو سو امن وارو ٿيو ۽ الله جي لاءِ انهن ماڻهن تي ان گهر جو حج ڪرڻ آهي جيڪو انهيءَ تائين وڃي سگهي ۽ جنهن انڪار ڪيو پوءِ الله ساري جهان کان بي پرواھ آهي.


 

 



[1]...تفسیر نعیمی،پارہ:4، آل عمران، تحت الآیۃ96، جلد:4، صفحہ:29 ۔