Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
مطلب ته؛ مَسجِدِ اَقصٰي به وڏي فضيلت وارو مقام آهي، ڪعبو شريف به وڏي فضيلت وارو مقام آهي، پر غير مُسلمن پنهنجي ناقِص عقل جي مُطَابق انهن ٻنهي فضيلت وارين جڳهن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪئي، ڄڻ پنهنجي طور تي انهن مَسجِدِ اَقصٰي ۽ ڪعبي شريف جي فضيلتن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته الله پاڪ انهن جي باطِل نظرين جو رَدّ ڪيو، انهن جي اعتراض جو جواب اِرشاد فرمايو، قرآنِ ڪريم جي خوبصُورت ۽ حَسِين اندازِ بيان تي قربان وڃجي! جو الله پاڪ بيان ڪيل آيت سڳوري ۾ غير مسلمن جو رَدّ ته ڪيو، ڪعبي شريف جون فضيلتون ته بيان ڪيون پر مَسجِدِ اَقصٰي جي فضيلت کي گھٽ به نه ٿيڻ ڏنو، يعني قرآنِ ڪريم اهو ته فرمايو ته ڪعبو شريف دُنيا جي پهرين عبادت گاھ آهي پر اهو نه فرمايو ته مَسجِدِ اَقصٰي جي ڪا فضيلت ئي نه آهي۔ قرآنِ ڪريم اهو ته فرمايو ته ڪعبو شريف بابرڪت آهي پر اهو نه فرمايو ته مَسجِدِ اَقصٰي جي ڪا برڪت نه آهي، قرآنِ ڪريم اهو فرمايو ته ڪعبو شريف تمام جهانن جي لاءِ هدايت جو سبب آهي پر اهو نه فرمايو ته مَسجِدِ اَقصٰي بلڪل هدايت جو سبب ئي نه آهي، قرآنِ ڪريم اهو فرمايو ته ڪعبي شريف ۾ الله پاڪ جون واضِح نشانيون آهن پر اهو نه فرمايو ته مَسجِدِ اَقصٰي ۾ الله پاڪ جي ڪا نشاني مَوجُود ئي نه آهي۔ يعني قرآنِ ڪريم غير مسلمن جو رَدّ به فرمايو، ڪعبي شريف جون فضيلتون به بيان ڪيون ۽ مَسجِدِ اَقصٰي جي فضيلت ۽ شرف وعِزَّت ۾ ڪمي به نه اچڻ ڏني۔ مَعلُوم ٿيو؛ جڏهن به ٻن فضيلت وارين شين جو ذِڪر ٿئي، اُنهن ۾ ڪنهن هڪ جو شان بيان ڪرڻو هجي ته هن انداز سان بيان ڪري سگھجي ٿو جو ٻي شيء جي شان ۾ ڪمي نه اچي، مثال طور اسان جڏهن پنهنجي آقا وموليٰ، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ۽ عظمت بيان ڪيون ته هن انداز ۾ بيان ڪيون جو ٻين نبي سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي شان ۾ بي ادبي نه ٿئي، جڏهن اسان صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جو شان بيان ڪيون ته هن انداز سان بيان ڪيون جو اَهلِ بيت ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جي شان ۽ عظمت ۾ بي ادبي نه ٿئي ۽ جڏهن اسان اَهلِ بيتِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جو شان ۽