Book Name:Jannat ki Zamanat

هڪ ايمان افروز مدني گل

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان روايت ٻڌي، جنت ۾ ماڻهوءَ کي ٻني ٻاري جي خواهش ٿيندي، ان جاءِ تي حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيْه هڪ ايمان افروز نقطو بيان فرمايو آهي، پاڻ لکن ٿا: ماڻهو جنهن حال ۾ جيئندا، ان ئي حال ۾ مرندا ۽ جنهن حال ۾ مرندا، ان ئي حال ۾ قيامت جي ڏينهن اٿندا. هي شخص جيڪو جنت ۾ به ٻني ٻاري جي خواهش ڪندو، هي اصل ۾ اهو هوندو جيڪو زندگي ۾ ٻني ٻارو ڪندو هو، ان کي دنيا ۾ ٻني ٻاري جو شوق هو، ان ئي حال ۾ ان کي موت آيو هوندو، تنهنڪري جنت ۾ به ان کي ٻني ٻاري جا خيال ايندا.

ان مان معلوم ٿيو: جيڪي هن دنيا ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ    صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر ذوق ۽ شوق سان ڪندا آهن، جيڪي هر وقت مديني جي يادن ۾ مچلندا، ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لاءِ تڙپندا آهن، روزِ قيامت جنت ۾ به انهن کي اهو ئي خيال هوندو، اِنْ شَآءَ الله الْكَرِيم! عاشقانِ رسول عشقِ رسول ۾ سرشار جهومندا اٿندا. ([1])

امير اهلِ سنت دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه ڪيڏو نه خوب فرمايو:

روتے روتے گر پڑیں گے ان کے قدموں میں وہاں

روزِ محشر شافعِ محشر نظر جب آئیں گے

خُلد میں ہو گا ہمارا داخلہ اس شان سے

یارسولَ   اللہ کا   نعرہ   لگاتے   جائیں  گے([2])

جَنَّتين جو حُسن ۽ جمال

پيارا اسلامي ڀائرو! جنت ۾ هر هڪ نهايت حسين و جميل (Good-looking) هوندو، حضرت عڪرمه رَضِیَ اللہُ عَنۡہ فرمايو: جنت ۾ هر شخص 33 سالن جو


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:515 ماخوذًا۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:421۔