Book Name:Jannat ki Zamanat
يعني اهي ماڻهو جن کي پوڙهائپ ۾ موت ايندو ۽ اهي جنت ۾ ويندا، انهن ماڻهن جا سردار ابوبڪر و عمر رَضِیَ اللہُ عَنۡهما هوندا.
ہر صحابئ نبی! جنّتی جنّتی سب صحابیات بھی! جنّتی جنّتی
چار یارانِ نبی! جنّتی جنّتی حضرتِ صدّیق بھی! جنّتی جنّتی
اور عُمرِ فاروق بھی! جنّتی جنّتی عُثمانِ غنی! جنّتی جنّتی
فاطمہ اور علی! جنّتی جنّتی ہیں حسن حسین بھی! جنّتی جنّتی
والِدَینِ نبی! جنّتی جنّتی ہر زوجۂ نبی! جنّتی جنّتی
اور ابو سُفیان بھی! جنّتی جنّتی ہیں معاویہ بھی! جنّتی جنّتی([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هر نيڪي ئي جنت ۾ وٺي وڃڻ واري آهي، البته تمام گهڻا اهي نيڪ عمل جن تي جنت جي ضمانت ڏني وئي آهي، انهن مان ڪجھ وڌيڪ نيڪ عمل هي آهن: (1): سچ ڳالهائڻ (2): وعدو پورو ڪرڻ (3): امانتدار رهڻ (4): پنهنجي شرمگاهه جي حفاظت ڪرڻ (5): اکين کي جهڪائي رکڻ (6): پنهنجي هٿن کي گناهن کان روڪي رکڻ. رسولِ ذيشان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو مون کي انهن ڪمن جي ضمانت ڏئي، مان ان کي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو. ([2])
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: توهان مون کي انهن 6 ڪمن جي ضمانت ڏيو، مان توهان کي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو (اهي 6 ڪم هي آهن:) (1): نماز (2): زڪوات (3): امانت (4): شرمگاهه (5): پيٽ ۽ (6): زبان. ([3])