Book Name:Jannat ki Zamanat
ڪاروبار (Business) ۾، مطلب ته زندگي جي هر هر معاملي ۾ شريعت جي پيروي ڪرڻ به ضروري آهي.
هڪ دفعو حضرت وَهب بن منبه رَحْمَةُ الله عَلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: ڇا ڪلمو طيبه جنت جي چاٻي ناهي؟ فرمايائون: ڇو نه (بلڪل آهي) پر هر چاٻي جا ڏند هوندا آهن، جيڪڏهن توهان انهن ڏندن کان سواءِ تالو کولڻ چاهيندا ته تالو (Lock) نه کلندو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه پيارو مثال آهي يعني ڪلمو طيبه چاٻي آهي ۽ نماز، روزو، حج، زڪوات وغيره عبادتون ان چاٻي جا ڏند آهن، تنهنڪري ان چاٻي جي ذريعي جنت جو تالو کولڻو آهي ته * نمازون به پڙهڻيون پونديون * روزا به رکڻا پوندا * حج فرض هجي ته اهو به ادا ڪرڻو پوندو * زڪوات جون شرطون ملن ته زڪوات به ڏيڻي پوندي * باقي فرض ۽ واجب به پورا ڪرڻا پوندا * گناهن کان به بچڻو پوندو. تڏهن جنت نصيب ٿيندي.
الله پاڪ اسان کي اخلاص سان ڪلمو طيبه پڙهڻ، ان کي دل ۾ سجائي رکڻ، ان جي تقاضن (Requirements) کي پورو ڪرڻ ۽ ان ئي مبارڪ ڪلمي سان قبر ۾ لهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
خدایا بُرے خاتِمے سے بچانا پڑھوں کلمہ جب نکلے دم یاالٰہی!
گناہوں سے بھر پور نامہ ہے میرا مجھے بخش دے کر کرم یاالٰہی!
تُلیں میرے اعمال میزاں پہ جس دم پڑے اِک بھی نیکی نہ کم یاالٰہی!([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد