Book Name:Jannat ki Zamanat
لٽڪيل آهن، کائڻ وارو جيڪڏهن بيهي ڪري ميوو پٽڻ چاهيندو ته ان کي مشقت نه ٿيندي، جيڪڏهن ويهي ڪري پٽڻ چاهيندو ته به تڪليف نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن ليٽي ڪري حاصل ڪرڻ چاهيندو ته به ان کي تڪليف نه ٿيندي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي جنت جو...!! ربِ ڪريم جنت ۾ صرف راحت ئي راحت، آرام ئي آرام رکيو آهي ايستائين جو جَنَّتي وڻن مان ميوو ٽوڙي کائڻ جو ارادو هوندو ته ميوو وٺڻ ۾ به ڪا تڪليف نه ٿيندي، ماڻهو ويٺل آهي، اٿڻ جو دل به نه پئي ڪري ۽ ميوو به کائڻو آهي ته ان کي ويٺي ويٺي ئي ميوو ملي ويندو، اهو ليٽي ليٽي ميوو حاصل چاهيندو ته ليٽي ڪري ئي ميوو ملي ويندو. يعني جَنَّتي کي ذرو برابر به تڪليف ٿئي، جنت ۾ ان جو ڪو تصور ئي نه هوندو.
ڇا جَنَّتي به کائيندا پيئندا...؟
حضرت زيد بن ارقم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ فرمائن ٿا: هڪ دفعو هڪ غير مسلم شخص پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو: اي ابوالقاسم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان ڇا فرمايو ٿا ته جَنَّتي کائيندا ۽ پيئندا؟ فرمايائون: ها! ان جو قَسم جنهن جي قبضي (Possession) ۾ منهنجي جان آهي! بيشڪ اهلِ جنت کي کائڻ پيئڻ ۾ 100 مردن جي برابر طاقت (Power) ڏني ويندي. هي ٻڌي ان غير مسلم پڇيو: جيڪو کائيندو آهي، پيئندو آهي، ان کي ته حاجت پيش ايندي آهي ۽ جنت ۾ ڪا تڪليف نه آهي. رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنت ۾ قضاءِ حاجت بس ايتري ئي ٿيندي ته انهن کي مُشڪ (Musk) وانگر خوشبودار پگهر (Sweat) ايندو ۽ سڄو کاڌو هضم ٿي ويندو. ([2])