Book Name:Jannat ki Zamanat

نوجوان هوندو، انهن جو قد حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام جي قد جي برابر 60 گز يعني 90 فُٽَ هوندو، سڀ ئي خوبصورت يعني سهڻا جوان هوندا، انهن کي 70 حُلّا (يعني جَنَّتي جوڙا) پارايا ويندا، هر حُلّو 70 رنگ مٽائيندو ۽ انهن جو حسن و جمال اهڙو هوندو جو جَنَّتي پنهنجي زال (Wife) جي چهري ۾ ۽ ان جي زال ان جي چهري ۾ پنهنجو چهرو ڏسي وٺندي ( ڄڻ انهن جا چهرا آئيني جيان صاف سٿرا (Transparent) هوندا). ([1])

جَنَّتين جو حُسن وڌندو ويندو

جنت جي هڪ ٻي به خاص ڳالهه آهي، هن دنيا ۾ اسين جڏهن کان آيا آهيون، اسان جي عمر (Age) مسلسل وڌي رهي آهي، اسين هر هر منٽ بلڪه هر هر سيڪنڊ پراڻا ٿي رهيا آهيون، پيريءَ (Old Age) طرف وڌي رهيا آهيون، جيئن جيئن عمر وڌي ٿي، حُسن، جواني، طاقت ۽ قوت ۾ گهٽتائي ايندي وڃي ٿي، يعني هن دنيا ۾ اسين هر گهڙي فنا جي طرف وڌندا ئي وڃون ٿا.

 ميان محمد بخش صاحب رَحْمَةُ الله عَلَيْه ڇا خوب چيو هو:

سدا نہ باغِیْں بلبل بولے، سدا نہ باغ بہاراں

سدا نہ     ماپے، حُسْن جوانی، سدا نہ صحبت یاراں

مفھوم: باغ ۾ بلبل جا چهنڪار هميشه ناهي رهندي، نه باغ ۾ بهار (Spring) هميشه رهندي آهي. اهڙي طرح ماءُ پيءُ، حُسن، جواني، طاقت و قوت ۽ دوستن جي صحبت (Company) به هميشه ناهي رهندي.

هي دنيا جو دستور (Custom) آهي، هتي هر گهڙي فنا جي طرف وٺي ويندڙ آهي پر جنت جو دستور نرالو هوندو. صحابيءِ رسول حضرت ابو هريره رَضِيَ الله عَنۡه فرمايو: مون کي ان ذات جو قسم جنهن محمد صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي قرآن نازل فرمايو! دنيا ۾ جهڙي طرح هر گهڙي پوڙهائپ ايندي وڃي ٿي، اهڙي طرح جنت ۾ هر گهڙي حُسن وڌندو رهندو. ([2])


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، باب صفۃ الجنۃ واہلھا، صفحہ:38 خلاصۃً۔

[2]... موسوعہ ابن ابی الدنیا، صفۃ الجنۃ وما اعد اللہ لاہلھا من النعیم، جلد:6صفحہ:329، رقم:13۔