Book Name:Jannat ki Zamanat
سڪون ئي سڪون هوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته اتي الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيندو. هن جنت ۾ وڃڻ لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻو پوندو؟ اچو! ڪجهه حديثون ٻڌون ٿا:
الله پاڪ کان جنت گهرندا ڪيو!
حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو ٻانهو الله پاڪ کان 3 ڀيرا جنت گهري، ته جنت چوندي آهي: اَللّٰهُمَّ أَدْخِلْهُ الْجَنَّةَ اي الله پاڪ! ان کي جنت ۾ داخل فرماءِ. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! جنت ڪيڏي نه اعليٰ نعمت...!! ۽ جنت تائين پهچڻ جو طريقو ڪيڏو نه آسان آهي؟ روزانو 3 ڀيرا الله پاڪ کان جنت گهرڻ جي عادت (Habit) بڻائي وٺو! اِنْ شَآءَ الله الْكَرِيم! جنت نصيب ٿيندي.
وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا
ہم مفلس کیا مَوْل چکائیں اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([2])
هڪ حديث شريف ۾ آهي: مَنْ تَكَفَّلَ لِي أَنْ لَا يَسْأَلَ النَّاسَ شَيْئًا، فَأَتَكَفَّلَ لَهُ بِالْجَنَّةِ جيڪو مون کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ته ماڻهن کان ڪجهه به نه گهرندو، مان ان کي جنت جي ضمانت (Guarantee) ڏيان ٿو. ([3])
حضرت ثوبان رَضِیَ اللہُ عَنۡہ جيڪي رسولِ خدا جا صحابي آهن، پاڻ سڳورن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان هي فرمان ٻڌو، ته پاڻ ڪريم جي عادت اهڙي ٿي وئي هئي جو جيڪڏهن سواري تي ويٺي سندن چابڪ ڪري پوندو هو ته پاڻ ڪنهن کي به کڻڻ جو نه فرمائيندا هئا، بلڪه پاڻ سواري تان لهي چابڪ (Whip) کڻندا هئا. ([4])