Book Name:Jannat ki Zamanat
پيارا اسلامي ڀائرو! هي به ڪيترو آسان ڪم آهي...!! بس اهو ڪرڻو آهي ته پنهنجي مدد پاڻ وارو قانون اپنائڻو آهي، جيڪي به ضرورت جون شيون آهن، ڪوشش ڪري پنهنجون ئي خريديو، پاڻ وٽ سنڀالي رکو، سفر تي وڃڻو هجي ته سفر جون ضرورتون پاڻ وٽ اڳي ئي رکي ڇڏيو، بس ڪوشش ڪيو ته ڪنهن کان ڪجهه گهرڻو نه پوي، ناحق سوال کان به بچو، گهر ۾ به ڪوشش اها ئي هجڻ گهرجي ته مثال طور پاڻي پيئڻو آهي، گلاس گهرجي، ڪا ننڍي وڏي شيءِ کڻڻي آهي ته جيڪڏهن آساني هجي ته ٻارن کي، ٻارن جي امڙ کي تڪليف ڏيڻ بجاءِ پاڻ ئي ڪري ڇڏيو! بهرحال! ٻين کان گهرڻ کان جيترو ٿي سگهي، بچو! اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! جنت ۾ وڃڻ نصيب ٿيندو.
حضرت ابودردا رَضِیَ اللہُ عَنۡہ کان روايت آهي، رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مسجد هر خدا کان ڊڄڻ واري جو گهر آهي ۽ جيڪو ٻانهو مسجد کي پنهنجو گهر بنائي، الله پاڪ ان جي لاءِ رحمت جي، پنهنجي رضا جي، پل صراط تان حفاظت سان گذرڻ جي ۽ جنت جي ضمانت ڏيندو آهي. ([1])
ڪهڙي خوبصورت ڳالهه آهي، مسجد سان گهرو تعلق بڻائينداسين ته رحمت به ملندي، الله پاڪ جي رضا به ملندي ۽ جنت ۾ وڃڻ به نصيب ٿي ويندو. افسوس! اڄڪلهه ماڻهو مسجد سان اهڙو تعلق (Relation) رکن ٿا ڄڻ مسجد ڪو مسافرخانو هجي، اذان ٿي، مسجد ۾ آيا، نماز پڙهي ۽ واپس هليا ويا، هي به اقل القليل يعني تمام ٿورا ماڻهو ڪندا آهن، ڪيترا ته اهڙا آهن جيڪي نمازن جي پرواهه (Care) ئي ناهن ڪندا. الله پاڪ انهن کي توفيق بخشي ۽ اسان جي حال تي رحم فرمائي، خير! جيڪي نمازون پڙهندا آهن، انهن جو به هي حال آهي ته آيا، نماز پڙهي ۽ هليا ويا جڏهن ته اسان جي دڪان(Shop) ، اسان جي گهر سان اسان جو تعلق ڪهڙو هوندو آهي؟ ان جي