Book Name:Jannat ki Zamanat

جَنَّتي نعمتن جو مختصر بيان

خير! خوشخبري ٻڌائڻي آهي، ڪنهن کي؟ اهلِ ايمان کي، نيڪ ماڻهن کي. هاڻي اها خوشخبري ڇا آهي؟ ڪهڙي شيءِ جي خوشخبري آهي؟ الله پاڪ فرمايو:

اَنَّ لَهُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُؕ-كُلَّمَا رُزِقُوْا مِنْهَا مِنْ ثَمَرَةٍ رِّزْقًاۙ-قَالُوْا هٰذَا الَّذِیْ رُزِقْنَا مِنْ قَبْلُۙ-وَ اُتُوْا بِهٖ مُتَشَابِهًاؕ-وَ لَهُمْ فِیْهَاۤ اَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌۗۙ-وَّ هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ(۲۵)

ترجمو ڪنزُ العرفان: انهن جي لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، جڏهن انهن کي هنن باغن مان ڪو ميوو کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته چوندا: هي ته اهو ئي رزق آهي جيڪو اسان کي پهريان ڏنو ويو هو، حالانڪه انهن کي ملندڙ جلندڙ (پهريان) ڏنو ويو هو ۽ انهن (جَنَّتين) جي لاءِ انهن باغن ۾ پاڪيزه زالون هونديون ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا.

سُبْحٰنَ اللہ!  هي اهي عظيم نعمتون آهن جن جي اهلِ ايمان ۽ نيڪ ماڻهن کي خوشخبري ٻڌائي وئي آهي. حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيْه هن آيتِ ڪريمه جي تحت فرمائن ٿا: جنت جا 8 طبقا (Levels) آهن: (1): جنت الفردوس (2): جنتِ عدن (3): جنتِ ماوٰي (4): دارُ الْخُلْد (5): دارُ السَّلَام        (6): دَارُ الْمُقَامَة (7): عِلِّيين ۽ (8): جنتِ نعيم. هنن درجن (Ranks) جا انهن کان سواءِ ٻيا به نالا آهن. مسلمانن کي انهن جي عملن مطابق انهن طبقن ۾ رکيو ويندو، ڇوته سڀني مسلمانن لاءِ هي سڀ جنتون آهن، ان ڪري آيتِ ڪريمه جو مطلب اهو ٿيو ته جنتون مسلمانن ۾ ورهائجي وينديون (جنهن جا عمل جيترا وڌيڪ هوندا، ان کي اوترو ئي اعليٰ درجي ۾ رکيو ويندو) ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! جنت تمام ئي اعليٰ مقام آهي، ان ۾ الله پاڪ پنهنجي ٻانهن لاءِ اهڙيون اهڙيون نعمتون (Blessings) تيار ڪري رکيون آهن جو جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪن ٻڌو، نه ڪنهن دل تي انهن جو خيال گذريو.


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:25، جلد:1، صفحہ:230 بتغیر قلیل۔