Book Name:Jannat ki Zamanat

ڇا ته شان آهي...!! جنت ۾ فنا ته آهي ئي نه، اتي موت ته اچڻو ئي ناهي، ان ڪري اتي ماڻهو موت جي طرف نه وڌندا، پوڙهائپ ۽ ڪمزوري (Weakness) جي طرف نه وڌندا بلڪه هر ايندڙ گهڙِي جَنَّتين جي حُسن ۽ جمال ۾ اضافو ڪندي.

جنت جي جمعو بازار

صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عَنۡہ کان روايت آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ جنت ۾ هڪ بازار آهي، جتي اهلِ جنت هر جمعي (Friday) تي ويندا. اتي اتر جي هوا هلندي، جيڪا انهن جي چهرن ۽ ڪپڙن ۾ سمائجي ويندي. ان جي ذريعي جَنَّتين جي حُسن و جمال ۾ اضافو ٿي ويندو، جڏهن هو پنهنجي گهرن ڏانهن موٽندا ته انهن جا گهر وارا چوندا: وَالله لَقَدِ ازْدَدْتُمْ بَعْدَنَا حُسْنًا وَجَمَالًا   خدا جو قسم! توهان جو حُسن و جمال پهرين کان وڌي ويو آهي. ([1])

جَنَّتي نعمتون هميشه لاءِ آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻانهي کي ڪا نعمت ملي، ان جي ڪا خواهش، ڪا تمنا پوري ٿئي ته ان کي خوشي ضرور ٿيندي آهي پر جيڪڏهن اها نعمت، اها خواهش محدود مدت (Limited Time) لاءِ هجي ته خوشي اڌوري رهجي ويندي آهي. ڪنهن شاعر (Poet) چيو هو:

وَصْل کی شِیْرِیْنی میں پنہاں فَصْل کی تلخی بھی ہے کم کم

تم سے ملنے کی بھی خوشی ہے، تم سے جُدا ہونے کا بھی غم

خواهش ته پوري ٿي وئي، نعمت ته ملي وئي، ان جي خوشي پنهنجي جاءِ تي پر ان خوشي ۾ جدائي جو غم به شامل آهي. هڪ دفعو حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ الله عَلَيْها فرمايو: جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پوري دنيا ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي، سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏجي، پوءِ به اهو غريب (Poor) ئي رهندو. عرض


 

 



[1]...مسلم، كتاب الجنۃ و صفۃ نعیمھا واہلھا، باب فی سوق الجنۃ...الخ، صفحہ:1089، حدیث:2833۔