Book Name:Jannat ki Zamanat
صحابي حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنۡہ فرمائن ٿا: اسان بارگاهِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يا رَسُولَ الله! يَا رَسُولَ الله! مِمَّ خُلِقَ الْخَلْقُ؟ يارسولَ الله صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جنت ڪهڙي شيءِ مان ٺاهي وئي آهي؟ فرمايائون: پاڻي مان. اسان عرض ڪيو: اسان کي جنت جي عمارت بابت خبر ڏيو! فرمايائون: جنت جي هڪ سر سون (Gold) جي، هڪ چاندي (Silver) جي آهي، ان جو مِلاط يعني ان جو گارو (سرن کي جوڙڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ شيءِ) خوشبودار مشڪ آهي. ان جي مٽي زعفران جي آهي، ان جون پٿريون موتين (Pearls) ۽ ياقوت (Rubies) جون آهن، جيڪو جنت ۾ داخل ٿيندو اهو خوش رهندو، ڪڏهن مايوس نه ٿيندو، جنت ۾ هميشه رهندو، ان کي ڪڏهن موت نه ايندو. ان جا ڪپڙا پراڻا نه ٿيندا ۽ ان جي جواني ڪڏهن ختم نه ٿيندي. ([1])
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ جنت ۾ هڪ اهڙو وڻ آهي جو سوار (مثلاً گهوڙي تي سواري ڪرڻ وارو) ان جي ڇانوَ ۾ 100 سال به هلندو رهي ته اهو ختم نه ٿيندو. ([2]) ۽ جنت ۾ اهڙيون نعمتون آهن جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪن ٻڌو، نه ڪنهن دل ۾ انهن جو خيال گذريو. ([3]) ۽ جنت ۾ هڪ ڪوڙي (يعني چابُڪ) جي برابر جاءِ دنيا ۽ جيڪو ڪجهه دنيا ۾ آهي، سڀ کان بهتر آهي. ([4])
حضرت مجاهد رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائي ٿو: جَنَّتي وڻن جا ٿڙ سُون جا آهن، ان جون ٽاريون زَبرجد ۽ ياقوت جون آهن، ان جا پَٽن (Leaves) ۽ ميوا (Fruits) هيٺ
[1]...الزهد والرقائق، کتاب الزہد بروایۃالمروزی، باب ذکر اللہ عزوجل، صفحہ: 380، حدیث:1075۔
[2]...بخاری، کتاب بدء الخلق،باب ما جاء فی صفۃ الجنۃ وانھا مخلوقۃ، صفحہ:832، حدیث:3251۔
[3]...مسلم، کتاب الجنۃ وصفۃ نعیمھا واہلھا، صفحہ:1087، حدیث:2824۔
[4]...بخاری، کتاب بدء الخلق،باب ما جاء فی صفۃ الجنۃ وانھا مخلوقۃ، صفحہ:832، حدیث:3250۔