Book Name:Jannat ki Zamanat

گهر ۾ ته ڪري سگهون ٿا پر مسجد ۾ ڪرڻ منع آهي. لهٰذا مسجد کي پنهنجو گهر ضرور بڻايو، يعني ان سان گهري وابستگي رکو، وڌ کان وڌ وقت مسجد ۾ گذاريو، مسجد ۾ دل لڳايو ۽ ان سان گڏوگڏ مسجد جي ادب ۽ احترام کي به هر وقت ملحوظ رکو.

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.

شيخين سان محبت رکو!

حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنۡہ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللہُ عَنۡہ ٻاهر تشريف وٺي آيا، ڏٺائون ته سامهون کان حضرت ابوبڪر و عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡهما اچي رهيا آهن. سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت علي رَضِیَ اللہُ عَنۡہ کي مخاطب ڪري فرمايو: اي علي! ڇا توهان انهن ٻنهي شيخين سان محبت رکو ٿا؟ عرض ڪيائون: جي ها! يا رسولَ الله صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! فرمايائون: اَحِبَّهُمَا تَدْخُلِ الْجَنَّة يعني انهن ٻنهي سان محبت ڪندا رهو! توهان جنت ۾ پهچي ويندؤ. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنۡهم خاص طورتي حضرت ابوبڪر و عمر رَضِیَ اللہُ عَنۡهما سان محبت ڪرڻ به جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي.

هاڻي پاڻ غور فرمايو! جڏهن انهن سان محبت ڪرڻ وارو جَنَّتي آهي ته هي پاڻ جَنَّتي ڇو نه هوندا. ها! ها! مسلمانن جا هي ٻئي خليفا قطعي جَنَّتي بلڪه جنت وارن جا سردار آهن. پياري نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ابوبڪر و عمر جَنَّتي پوڙهن جا سردار آهن. ([2])


 

 



[1]...تاريخ بغداد، رقم:67، محمد بن اسحاق...الخ، جلد:1، صفحہ:262۔

[2]...مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب الفضائل، ما ذکر فی ابی بکر...الخ، جلد:7، صفحہ:473، حدیث:19۔