Book Name:Jannat ki Zamanat
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪيڏي نه عظيم نعمت آهي جيڪا جنت وارن کي عطا ڪئي ويندي...!! جَنَّتي جيڪو چاهيندا، بس ”ڪُن“ چوندا ته چاهت پوري ٿي ويندي. روايتن مطابق جَنَّتي جڏهن کائڻ چاهيندو، ان کي کاڌو ملي ويندو، جڏهن ڪجهه پيئڻ چاهيندو، ان کي پيئڻ لاءِ پاڻي، کير، ماکِي (Honey)، شربت ملي ويندو، ايستائين جو جَنَّتي اڏامندڙ پکي کي ڏسي جيڪڏهن ان کي کائڻ چاهيندو ته اهو پکي (Bird) فوراً پَچي ان جي سامهون اچي ويندو. ([1]) مطلب ته جَنَّتي جنت ۾ جيڪي چاهيندو، سو ماڻيندو، ان جي ڪنهن ننڍڙي کان ننڍڙي ۽ وڏي کان وڏي خواهش کي اڌورو (Incomplete) نه ڇڏيو ويندو.
روايتن ۾ آهي: جنت ۾ هڪ ماڻهو آرام سان ليٽيل هوندو، پنهنجا چپ چورڻ بنا دل ئي دل ۾ سوچيندو ته جيڪڏهن اجازت (Permission) ملي ته مان جنت ۾ ٻني ٻارو (Farming) ڪريان. اڃا هي دل ۾ سوچي ئي رهيو هوندو ته فرشتا پنهنجيون مُٺيون بند ڪري ان وٽ پهچندا، سلام ڪندا، هي فرشتن کي ڏسي اٿي بيهندو، فرشتا چوندا: توهان دل ۾ تمنا ڪئي، تنهنڪري اسين ٻج کڻي آيا آهيون. اهو ٻانهو ٻج (Seeds) کڻي انهن کي زمين ۾ پوکي ڇڏيندو، (جنت ۾ ڇو ته مشقت ته آهي ئي نه، تنهنڪري هي ٻج وجهندو ته) ساڳئي وقت پهاڙن (Mountains) جيڏا وڏا وڏا فصلَ (Crop) اڀري پوندا. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي جنت...!! جنت ۾ هر خواهش پوري ڪئي ويندي، هر تمنا پوري ٿيندي، جهڙيءَ طرح دنيا ۾ اسان کي اميدون (Expectations) ٽٽڻ، خواهشون ۽ تمنائون پوريون نه ٿيڻ جو ڏک برداشت ڪرڻو پوندو آهي، جنت ۾ اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو بلڪه آرام ئي آرام هوندو، سڪون ئي سڪون هوندو.