Book Name:Jannat ki Zamanat

جَنَّتي کاڌي جي هر گِرھ ۾ جدا لذت هوندي

روايتن ۾ آهي: الله پاڪ فرشتن کي فرمائيندو: منهنجي دوستن (يعني اهلِ جنت) کي کاڌو کارايو! پوءِ انهن کي مختلف رنگن (Colours) جا کاڌا پيش ڪيا ويندا. جَنَّتين کي ان کاڌي جي هر گِرھ (Bite)  تي جدا جدا لذت ايندي. جڏهن هي کاڌو کائي وٺندا ته حڪم ٿيندو: منهنجي ٻانهن کي پاڻي پياريو! هاڻي مختلف قسم جا شربت پيش ڪيا ويندا، جن جي هر ڍُڪ تي الڳ الڳ مزو ايندو. ([1])

ڪُن“ چوڻ جي طاقت عطا ٿيندي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن دنيا ۾ اسان لاءِ سڀ کان وڏي جيڪا پريشاني آهي، اها هيءَ ئي آهي ته اسان جي خواهشن (Wishes) تي پهرو لڳايو ويو آهي، هتي اسين پنهنجي مرضي نٿا هلائي سگهون، ڪڏهن ڪڏهن انسان هڪ ننڍڙي خواهش هوندي آهي، اهو ان خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ زندگي ڀر محنت ڪندو آهي، وري به خواهش پوري ناهي ٿيندي، هي ڇا آهي؟ اسان جي خواهشن تي پهرو لڳايو ويو آهي، هتي اسان جي هر خواهش، هر تمنا، هر مرضي پوري ناهي هلندي پر جنت ۾ اهلِ جنت تي ڪرم ٿيندو، روايتن ۾ آهي: اهلِ جنت جڏهن جنت ۾ پهچي ويندا ته هڪ ملائڪ انهن وٽ ايندو ۽ انهن کي سلام ڪري، انهن کي ربِ ڪريم جو هڪ خط پهچائيندو. ان خط ۾ لکيل هوندو: اهو خدا بزرگ جيڪو حيّ و قيُّوم آهي، جنهن کي ڪڏهن موت نه ايندو، ان جي طرفان انهن جَنَّتين جي نالي پيغام جن تي ڪڏهن موت نه ايندو. اَمَّا بعد..! بيشڪ مان ڪنهن شيءِ کي ڪُنۡ چوان ٿو ته اها ٿي ويندي آهي هاڻي کان توهان کي به هي طاقت ڏني وڃي ٿي ته توهان جنهن شيءِ کي ڪُنۡ (يعني ٿي وڃ) چوندؤ، اها ٿي ويندي. ([2])


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، باب صفۃ الجنۃ واہلھا، صفحہ:38۔

[2]...الانسان الکامل، الانسان الکامل حامل السر...الخ، صفحہ:15۔