Book Name:Jannat ki Zamanat
ناجائز ۽ گناهه آهي. روايت ۾ آهي: عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ، وَابْنِ عُمَرَ اَنَّهُمَا كَانَا يَكْرَهَانِ الصَّلَاةَ وَالْكَلَامَ يَوْمَ الْجُمُعَةِ بَعْدَ خُرُوجِ الْاِمَامِ يعني حضرت عبدالله بن عباس ۽ حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللہُ عَنۡهما (جيڪي بلند رتبي وارا صحابي آهن، هي ٻئي حضرات ذي وقار) خطيب جي منبر تي تشريف وٺي اچڻ کان پوءِ نماز پڙهڻ ۽ ڪلام ڪرڻ کي مڪروهِ (تحريمي) قرار ڏيندا هئا.
لهٰذا جيڪڏهن ڪو شخص جمعي جي ٻي اذان يا عربي خطبو شروع ٿيڻ کان پوءِ مسجد ۾ پهتو، ان کي گهرجي ته خاموشي (Silence) سان ويهي خطبو ٻڌي جيڪڏهن سنتون شروع ڪري ورتائين ته انهن کي ٽوڙڻ واجب آهي، ان تي لازم آهي ته پوءِ انهن سنتن جي قضا ڪري ۽ جيڪڏهن دوران خطبه سنتون شروع ڪيون ۽ مڪمل ڪري ورتائين ته سنتون ادا ٿي وينديون پر گنهگار ٿيندو، جيڪڏهن خطبو شروع ٿيڻ کان پهريان ئي سنتون شروع ڪري ورتيون هيون، ساڳئي وقت خطبو شروع ٿي ويو ته هاڻي نه ٽوڙي بلڪه چار رڪعتون مڪمل ڪري وٺي. ([1])
الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اسماء الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
يَارَقِيْبُ
يَارَقِيبُ 3 ڀيرا پڙهي ڦرڙين، ڦلڪِڻن تي دم ڪريو! اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! شفا نصيب ٿيندي. ([2])
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.