Book Name:Jannat ki Zamanat
ڪيو ويو: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: ان ڪري جو دنيا فاني (Mortal) آهي (ماڻهو سڄي دنيا جو مالڪ ٿي وڃي، پوءِ به خالي هٿ ئي هتان ويندو). ([1])
جیتنے دُنیا سکندر تھا چلا
جب گیا دُنیا سے خالی ہاتھ تھا([2])
پر قربان وڃجي! جنت جي سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته اتي جون نعمتون عارضي (Temporary) نه آهن، محدود مدت لاءِ نه آهن بلڪه هميشه هميشه لاءِ آهن، نه اتي موت ايندو، نه ئي ڪنهن جَنَّتي کي ڪڏهن جنت مان ڪڍيو ويندو، نه ڪنهن ڏنل نعمت کان ڪڏهن محروم ڪيو ويندو.
رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جَنَّتي جڏهن جنت ۾ پهچي ويندا ته هڪ اعلان ڪندڙ اعلان (Announcement) ڪندو: اي اهلِ جنت! توهان لاءِ الله پاڪ وٽ هڪ وعدو (Promise) آهي، جنهن کي اڄ پورو ڪيو ويندو. جَنَّتي عرض ڪندا: ڇا الله پاڪ اسان جا ترازو وزني نه ڪيا؟ ڇا اسان جا چهرا روشن نه فرمايا، ڇا اسان کي جهنم کان بچائي جنت ۾ داخل نه فرمايو، پوءِ هاڻي ڪهڙو وعدو آهي؟ پوءِ ربِ ڪريم! پنهنجي وَجھِه ڪريم تان پردو هٽائي ڇڏيندو ۽ جَنَّتي پنهنجي رب جو ديدار ڪندا. ان ذات جو قَسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! جَنَّتين کي جيڪو ڪجهه عطا ڪيو ويندو، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ محبوب نعمت انهن کي ربِ ڪريم جو ديدار ٿيندو. ([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي عظيم الشان جنت...!! اهڙي اعليٰ نعمت...!! جتي هر خواهش پوري ٿيندي، نعمتون ئي نعمتون هونديون، آرام ئي آرام هوندو،