Book Name:Jannat ki Zamanat

بلڪل ابتڙ...!! جيئن اسان جي گهر ۾ دل لڳندي آهي، تيئن مسجد ۾ نه لڳندي آهي. هي اسان جو حال آهي پر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڇا فرمايو؟ مسجد کي پنهنجو گهر بڻايو...!!

ڄڻ اسان کي اها تعليم ڏني پئي وڃي ته جيڪو تعلق اسين اڄ پنهنجي گهر سان رکون ٿا، جهڙي دل جي وابستگي (Affiliation) گهر سان آهي، اهڙي وابستگي مسجد سان رکون! الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام هڪ ڀيرو پنهنجي حواريين کي فرمايو: (اي حواريو...!! پنهنجي) گهرن کي منزل (يعني عارضي قيام گاهه) بڻايو! ۽ مسجدن کي پنهنجو مستقل(Permanent)  (دائمي) ٺڪاڻو بنايو...!! ([1])

تنهنڪري وڌ کان وڌ وقت مسجد ۾ گذارڻ جي عادت بڻايو! جيستائين مسجد ۾ اعتڪاف جي نيت سان رهنداسين، اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! نيڪين جو ميٽر هلندو رهندو شيطان کان به حفاظت رهندي جيستائين مسجد ۾ رهنداسين دنيا جي فضول ڪمن کان به بچت رهندي.  مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: مسجد جي فضا ايمان لاءِ تمام فائديمند آهي (جو ان سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي) ([2]) حضرت سعيد بن مسيب رَحۡمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻانهو جيستائين مسجد ۾ رهندو آهي، ملائڪ ان لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن. ([3]) سُبْحٰنَ اللہ!

هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪريان: اسان کي مسجد کي گهر بنائڻ جي ترغيب ڏياري وئي، ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته اسين مسجد سان اهڙو ئي رويو رکون جهڙو گهر سان رکندا آهيون ، نه...!! نه، مسجد جو تقدس، ان جو ادب ۽ احترام هر وقت ملحوظ رکڻ ضروري آهي، تمام گهڻا ڪم آهن جيڪي اسان گهر ۾ ڪري سگهون ٿا پر مسجد ۾ نٿا ڪري سگهون، جهڙوڪ: دنياوي ڳالهيون، خريد و فروخت، تيز آواز ۾ ڳالهائڻ ۽ کلڻ وغيره، هي ڪم


 

 



[1]...تاريخ مدینہ دمشق، عیسیٰ بن مریم، رقم:5519، جلد:47، صفحہ:423۔

[2]...تفسیرِ نعیمی ،پارہ:2،البقرہ،زیرِ آیت: 153،جلد:2 ،صفحہ:82 بتغیر قلیل۔

[3]...تَنْبِیْهُ الْمُغْتَرِّین،الباب الثالث من جملۃ اخری من الاخلاق،صفحہ:137۔