Book Name:Jannat ki Zamanat

وَ بَشِّرِ الَّذِیْنَ

ڄڻ فرمايو پيو وڃي: اي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي ٻانها منهنجا آهن، ڪلمو منهنجو پڙهن ٿا، عبادت منهنجي ڪن ٿا، جنت به مون ئي ٺاهي آهي پر خوشخبري انهن کي توهان ٻڌائي ڇڏيو! ان ڪري ته اسين چئون ٿا:

جو خُدا دیتا ہے ملتا ہے اِسی سرکار سے

کچھ کسی کو حق سے اس دَر کے سوا ملتا نہیں

کوئی مانگے یا نہ مانگے ملنے کا در ہے یہی

بے عطائے مصطفائی مُدّعا ملتا نہیں

خُود خُدا بے واسطہ دے یہ ہمارا منہ کہاں؟

واسطہ  سرکار  ہیں  بے واسطہ  ملتا  نہیں([1])

خير! هي اسان جي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا شانَ آهن، جيڪي قرآنِ ڪريم جي هر هر آيت مان ظاهر ٿين ٿا. الله پاڪ فرمايو: اي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! خوشخبري ٻڌائي ڇڏيو! هي خوشخبري ڪنهن کي ٻڌائڻي آهي؟ فرمايائون:

الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ

ترجمو ڪنزُ العرفان: جن ايمان آندو ۽ انهن چڱا عمل ڪيا.

جن کي خوشخبري ٻڌائڻي آهي، انهن جون 2 وصفون (Traits) هتي بيان ٿيون آهن ۽ هي صرف هتي نه بلڪه قرآنِ ڪريم ۾ عام طور تي جتي به خوشخبري ٻڌائي ويندي آهي، ته اهي 2 وصفون ئي ذڪر ٿينديون آهن: (1): ٻانهو مومن هجي (2): نيڪ عمل ڪرڻ وارو هجي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ايمان قبول ڪرڻ سان گڏوگڏ نيڪ اعمال ڪرڻ، نمازون پڙهڻ، روزا رکڻ، زڪوات ڏيڻ، حج ادا ڪرڻ، والدين (Parents) جو ادب و احترام ڪرڻ، تجارت (Trading)  ۾،


 

 



[1]...سامانِ بخشش، صفحہ:130-133 ملتقطًا۔