Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

ڪريون جيڪي سِيرت ۽ ڪردار جا اعليٰ نُمونا هجن ۽ اسان اُنهن کي آئيڊيل بڻائڻ تي فَخر مَحسُوس ڪريون۔ ڇوته ڪو اِنسان ان وَقت تائين پنهنجي سِيرت کي صَحِيح اِسلامي راھ تي نٿو هلائي سگھي جيستائين ان جي اڳيان سِيرت ۽ ڪردار جا اعليٰ نُمونا مَوجُود نه هجن۔

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ السَّلَام کان وڌيڪ ٻيو ڪو اِنسان آئيڊيل نٿو بڻجي سگھي ڇوته اُنهن جو اَصل ڪم ئي تَعمِيرِ سِيرت، تعميرِ معاشرو ۽ تعمير انسانيت آهي۔

فرمانِ الٰهي هر مُؤمِن ۽ مُـتَّقِي جي لاءِ نه صِرف مَشعَلِ راھ بلڪه مَقصَدِ حَيات آهي جيئن ته سيپارو 21 سُورة الاحزاب جي آيت نمبر 21 ۾ اِرشادِ باري تعاليٰ آهي:

لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِیْ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ

ترجمو: بيشڪ توهان جي  لاءِ رسول الله جي پيروي بهتر آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحبت ٻين جي تربيت جو ذريعو ٿيندي هئي، جيڪو به الله پاڪ جي رحمت سان سندن صحبت جو شرف ماڻيندو هو ته اهو صحبتِ مصطفيٰ جي برڪت سان چمڪندڙ چنڊ بڻجي ويندو هو۔ رسولِ خدا، تاجدارِ انبيا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ ٻين جي تربيت ڪرڻ جو ڪم پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي تربيت يافته صحابِين سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ سنڀالي ورتو۔ صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ کان بعد هر دور ۾ اهڙا عالم ۽ بزرگ ايندا رهيا جن پنهنجي ڪردار ۽ افڪار سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي هن عظيم ڪم کي اڳتي وڌايو۔ سلطنتون بڻجنديون رهيون ۽ مٽجندون رهيون، حڪومتون وجود ۾ اينديون رهيون ۽ ختم ٿينديون رهيون، شهر بڻجندا رهيا ۽ اُجڙندا به رهيا، پر الله پاڪ جي انهن نيڪ ٻانهن نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي هن اهم ڪم کي ڪڏهن به نه ڇڏيائون۔ انهن ماڻهن جڏهن