Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

احڪامِ الٰهي کي پاڻ تي نافذ ڪيو ته الله پاڪ انهن جي حڪومت ۽ سلطنت ماڻهن جي دلين تي قائم فرمائي ڇڏي ۽ انهن کي پنهنجو دوست قرار ڏيندي.

وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَ(۶۲)ترجمو ڪنز الايمان: نه انهن کي ڪو ڊپ نه اهي غمگين ٿيندا ( پ 1،سورة البقره 62) جي خوشخبري به عطا فرمائي. انهن منجهان هڪ شخصيت حضرت سَيدُنا غَوثِ اَعظَم جِيلاني، قُطبِ رَبّاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي آهي، جن لالَچ ۽ خَوف کان بي نِياز ٿي فقط رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ پنهنجي زِندگي جي هر گھڙي ماڻهن جي اِصلاح جي لاءِ وَقف ڪيائون ۽ انهن جي آخرت کي سنوارڻ جي لاءِ سڄي زندگي مصروفِ عمل رهيا۔ الله پاڪ غوثِ اعظم کي وڏي شانن سان نوازيو۔ غوثِ پاڪ جو شان ڏسو ته پاڻ پيدائشي طور تي الله ڪريم جا ولي هئا۔ (تفريح الخاطر،ص۵۸،مفهوماً ) غوثِ پاڪ جو شان ڏسو ته پاڻ پيدا ٿيندي ئي روزو رکيائون، سحري مهل کير پيئندا هئا ۽ پوءِ غروبِ آفتاب مهل روزو افطار ڪندا هئا۔ غوثِ پاڪ جو شان ڏسو ته پنج (5) سالن جي عمر ۾ بِسْمِ الله پڙهڻ جي رسم ادا ڪئي وئي ته سندن تَعَوُّذْ (اَعُوْذُبِالله مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجِيم) ۽ تَسْمِيه(بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيم) کان پوءِ 18 سيپارا زباني ٻڌائي ڇڏيا ۽ فرمايائون: منهنجي امڙ (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا) کي به ايترو ئي ياد هو، اهي پڙھنديون هيون ته مون ٻڌي ياد ڪري ورتو۔ ( رساله منّے ڪي لاش،ص۴) غوثِ پاڪ جو شان ڏسو ته پاڻ 40 سال (Forty years)تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا فرمائي، سندن معمول هو ته جڏهن بي وضو ٿيندا هئا ته انهيء وقت وضو ڪري 2 رڪعت نماز نفل پڙھندا هئا۔ (بهجة الاسرار،ذڪرطريقه، ص۱۶۴) غوثِ پاڪ جو شان ڏسو ته پاڻ تمام گھڻي عبادت و رِياضت ۽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارا هئا، پندرهن (15) سالن تائين سڄي رات ۾ هڪ قرآنِ پاڪ ختم ڪندا رهيا۔ (بهجة الاسرار، ذڪر فصول من ڪلامه… الخ،ص۱۱۸ملخصاً) ۽ روزانو هڪ هزار (1000) رَڪعَت نفل ادا ڪندا هئا۔ (غوث پاڪ ڪے حالات، ص۳۲) غوثِ پاڪ جو شان ڏسو ته پاڻ تيرهن (13) عُلوم ۾ بيان ڪندا هئا، سندن جي مدرسي ۾ ماڻهو سندن وٽ تفسير، حديث