Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

برباد ڪري ان کي اَبَدِي لَعنَتن جو حقدار ڪيو۔ حُجَّة الاِسلام حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”نفس جون بي شُمار مَعنائون آهن: (انهن مان هڪ اها آهي) نفس ان کي چوندا آهن: جيڪو انسان ۾ شهوت ۽ ڪاوڙ کي اُڀاريندو آهي۔ صُوفي سڳورا هن لَفْظ کي اڪثر اِستعمال ڪندا آهن، ڇوته انهن جي ويجھو نَفس مان مُراد انسان ۾ مَذمُوم (بُري) صفتن کي جمع ڪرڻ واري قُوَّت آهي۔“ (احياء العلوم ، ۳/۵ ) 

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنهن پنهنجي نفس جي پيروي ڪئي، نفس ان کي تباهي وبربادي جي کڏ ۾ کڻي اڇلائيندو آهي۔ نَفس جي هلاڪتن کان بچڻ جو طريقو بيان ڪندي سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: نَفس بُرائي جو ئي مشورو ڏيندو آهي، هيءَ ان جي فطرت آهي، هڪ مُدّت کان پوءِ هي اِصلاح پذير ٿيندو، توهان تي لازِم آهي ته هر وَقت نَفس سان مُجاهدو ڪندا رهو!(يعني ان جي مُخالَفت تي ڪمر بسته رهو) (الفتح الرباني،43 مجلس،۱۳۹، ملتقطاً) هڪ ٻي هنڌ تي اِرشاد فرمائن ٿا: پنهنجي نفس کي هميشه چوندا رهو ته تنهنجي نيڪ ڪمائي توکي فائدو ڏيندي ۽ تنهنجي بُري ڪمائي تنهنجي لاءِ وَبال ثابت ٿيندي، ڪو ٻيو توسان گڏ نه ئي عمل ڪندو ۽ نه ئي پنهنجي عملن مان ڪجھ ڏيندو۔ (اي انسان ياد رک!) نيڪ عمل ڪندو رهڻ ۽ نفس سان مُجاهدو ڪرڻ بيحد ضروري آهي، تنهنجو دوست اهو ئي آهي جيڪو بُرائي کان روڪي ۽ تنهنجو دُشْمن اهو ئي آهي جيڪو توکي گمراھ ڪري۔ (الفتح الرباني،۴۳ مجلس،ص۱۴۰) مزيدفرمائن ٿا: جيستائين نَفْس نَجاستن ۽ بُري خواهشن کان پاڪ نه ٿيندو ته ان کي الله پاڪ جي بارگاھ جو قُرب ڪيئن حاصِل ٿي سگھندو آهي؟ پنهنجي نَفس جي خواهشن ۽ اُميدن کي ختم ڪري ڇڏ، تڏهن ئي تنهنجو نَفس تنهنجو مُطِيع (فرمانبردار) ٿيندو۔ (الفتح الرباني ،۴۳ مجلس، ص۱۴۰) 

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقِعي نفس جي ڳالھ مڃڻ ۽ ان جي مقابلي کان غافل ٿيڻ سَراسر بي وقوفي آهي۔ ان ڪري اسان تي لازمي آهي ته نَفس جو مُقابَلو ڪريون ۽ ان تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪريون، ان جون خواهشون