Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

۾ رهندو آهي، ته اهو پنهنجي نفس کي سڃاڻي وٺندو آهي۔ (الفتح الرباني، المجلس الرابع والخمسون، ص۱۸۰) مزيد فرمائن ٿا: بيشڪ اَولِياءُالله جي وصفن مان اهو به آهي ته جڏهن اهي ڪنهن شَخص ڏانهن نظر ڪن ۽ ان (جي دل) تي تَوجُّھ ڪن ته ان جي ايمان، يقين ۽ ثابت قدمي ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو آهي۔

                                                  (الفتح الرباني،المجلس الثاني والستون ،ص ۲۱۹ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت ۾ رهڻ جي برڪت سان دل جي دُنيا بدلجي ويندي آهي۔ اڄڪلھ چڱي صحبت ماڻڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي به آهي۔ اسان کي به هن مدني ماحول ۾ رهندي گُناهن کان بچڻ ۽ نيڪين جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع، اجتماعي طور تي ڏٺو ويندڙ هفتيوار مدني مذاڪري ۽ ٻين مدني ڪمن ۾ شرڪت سان گڏوگڏ، هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت ۽ مدني انعامات تي عمل جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته نيڪ ماڻهن جي گھڙي کن جي صحبت، وڏن وڏن گناهگارن جي بگڙي بڻائيندي آهي۔ مَنقُول آهي ته هڪ ڀيري سَيدُناغوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مَدِيـنَه مُـنَوَّرَه زَادَ هاالله شَرَفًاوَّ تَعۡظِيۡمًا کان حاضري ڏئي پيرين اگھاڙي بغداد شريف ڏانهن اچي رهيا هئا ته واٽ ۾ هڪ چور بيهي ڪنهن مُسافر کي ڦرڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن ان جي ويجھو پهتا ته پڇيائون: توهان ڪير آهيو؟ ان جواب ڏنائين: ڳوٺاڻو آهيان، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪشف جي ذريعي ان جي مَعصيت (گناھ) ۽ بدڪرداري کي جانچي ورتائون، ان چور جي دل ۾ خيال آيو: ”شايد هي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن۔“ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ان جي دل ۾ پيدا ٿيڻ واري ان خيال جو به علم ٿي ويو، ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: مان عبدُالقادِر آهيان۔ اهو ٻڌندي ئي اهو چور فوراً اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مُبارڪ قدمن تي ڪري پيو ۽ ان جي زبان تي يا سَيدِي عَبْدَالْقَادِرِشَيئًالِلهِ (يعني اي منهنجا آقا عبدُالقادر! منهنجي حال تي رحم فرمايو) جاري ٿي ويو۔