Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ان جي حالت تي رحم اچي ويو ۽ ان جي اصلاح جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ مُتَوجِّه ٿيا ته غيب مان ندا آئي:”اي غوثِ اعظم! هن چور کي سڌي واٽ ڏيکاريو ۽ هدايت ڏانهن رهنمائي ڪندي ان کي قطب بڻائي ڇڏيو۔“ پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نگاھ فيض اثر سان اهو قُطبِيَت جي درجي تي فائز ٿي ويو۔ (سيرت غوث الثقلين،ص۱۳۰،از غوثِ پاڪ ڪے حالات: ۳۸)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته! سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ نگاھ فيض سان ان چور جي نفس جي سختي ۽ دل جي آلُودَگي سڀئي ڌوپجي ويون ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان کي وَقت جو قُطُب بڻائي ڇڏيو، غور ڪريو ته جڏهن الله پاڪ جي ولي جي نگاھ سان چور ، قُطُب بڻجي سگھن ٿا ته اسان جي گُناهن جو مير ۽ دلين جي زنگ کي ڌوئڻ انهن جي لاءِ ڪهڙي وڏي ڳالھ آهي؟ ان ڪري اسان کي اَولِياءِ ڪرام رَحِمَهمُ الله السَّلام جي صحبت ۾ رهڻ گھرجي۔ اَولِياءِ ڪرام جي صحبت شيطان جي سازش مان نڪرڻ جو ذريعو آهي۔ اَولِياءِ ڪرام جي صحبت نيڪين ڏانهن مائل ٿيڻ جو نسخو آهي۔ اَولِياءِ ڪرام جي صحبت نفس تي غلبو ماڻڻ جو سبب آهي۔ اَولِياءِ ڪرام جي صحبت دلين جي جيارڻ جي جاءِ آهي۔ اَولِياءِ ڪرام جي صحبت گناهن جي مير ڌوپجڻ جو سبب آهي۔ اَولِياءِ ڪرام جي صحبت انسان جي باطن جي سنورجڻ جو ذريعو آهي۔ اَولِياءِ ڪرام جي صحبت نيڪين ڏانهن مائل ٿيڻ جي راھ آهي۔ الغرض! اَولِياءِ ڪرام جي صحبت ڪيئي ڀلائين جو مجموعو آهي۔
اَولِياءِ ڪرام رَحِمَهمُ الله السَّلام جي قُربت ۽ انهن سان مَحَبَّت جا فائدا ٻڌائيندي حضرت احمد بن حرب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته نيڪ ماڻهن سان مَحَبَّت ڪرڻ انهن جي صحبت ۾ رهڻ ۽ انهن جي قول فعل ڏسي عمل ڪرڻ، انسان جي دل جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ نَفعي بخش آهي۔
(تنبيه المغترين،الباب الاوّل،غيرتهم اذاا نتهڪت حرماته،ص۴۱)