Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
(حدائقِ بخشش، ص ۲۳)
مختصر وضاحت: حضورغوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شان ۽ عظمت هي آهي ته جيڪي سندن کان پهريان ولي گذريا آهن يا سندن کان بعد قيامت تائين جيڪي ولي ٿيندا، سڀئي پاڻرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ادب ۽ احترام پنهنجي دل ۾ رکن ٿا۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پِيرن جا پِير، روشن ضمير شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مادَرزاد (يعني پيدائشي) وَلي هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اڃان پنهنجي امڙ جي پيٽ ۾ هئا ۽ امڙسائڻ کي جڏهن نڇ ايندي هئي ۽ ان تي اَلْحَمْدُ لِلّٰه چونديون هيون، ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پيٽ ئي مان جواب ۾ يرْحَمُک اللّٰه چوندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پهرين رَمَضَانُ المُبارَڪ صبحِ صادِق جي وَقت دُنيا ۾ جَلوه گَر ٿيا، ان وَقت سندن جا چپ مبارڪ آهستي آهستي چُري رهيا هئا ۽ الله الله جو آواز اچي رهيو هو۔ (مني جو لاش ، ص۴۔۵)
رونقِ کل اولیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر
پیشوائے اَصفیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر
آپ ہیں پیروں کے پیراورآپ ہیں روشن ضمیر
آپ شاہِ اَتقیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر
پیدا ہو تے ہی رکھے رَمضاں میں روزے، دن میں دودھ
کا نہ اک قطرہ پیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر
(وسائلِ بخشش ، ص۵۴۷)
اللّٰہ کی رحمت غوثِ پاک ہیں باعث ِ برکت غوثِ پاک
ہیں صاحبِ عزّت غوثِ پاک ہیں بحرِ سخاوت، غوثِ پاک
دریائے کرامت، غوثِ پاک فرماؤ حمایت غوثِ پاک