Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

رَسُول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذِڪر سيکاريون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن جو ٻارن تي سٺو اثر پوندو۔

 مشهور مُفسِّر، حڪيمُ الاُمَّت مُفْتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڪتاب ”اِسلامي زِندگي“ ۾ ٻارن جي پَروَرِش جو اسلامي طريقو ٻڌائيندي لکن ٿا، جنهن جو خلاصو هي آهي:

٭ جڏهن ٻار ڳالهائڻ جي لائق ٿئي ته ان کي الله پاڪ جو نالو سيکاريو، پهريان جون مائرون الله الله چئي ٻارن کي سمهارينديون هيون، پر افسوس جو هاڻي ته طرح طرح جي ميوزڪ وارا رانديڪا ٻارن وٽ رکيا ويندا آهن۔ ٭ جڏهن ٻار سمجھدار ٿئي، ان جي اڳيان اهڙا ڪم نه ڪيا وڃن جن سان ٻارن جي اَخلاق تي اثر پوي۔ ڇوته ٻار پنهنجي سامهون ٿيندڙ ڪمن جي نقل ڪندا آهن۔ تنهنڪري انهن جي اڳيان نماز پڙهو، قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪريو ته جيئن انهن ۾ به اهي عادتون پيدا ٿين۔ ٭ جڏهن ٻار ڪافي سمجھدار ٿي وڃن ته انهن کي ڪلمو، نماز، ايمانِ مُجمَل، ايمانِ مُفَصَّل ۽ وضو، غسل وغيره جا احڪام سيکاريا وڃن۔ (اسلامي زندگي ، ص ۳۰،ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻارن جي مدني تربيت جي لاءِ هڪ پيارو ۽ اهڙو آسان طريقو آهي جو جيڪڏهن هر گھر ۾ اهو مدني طريقو رائج ٿي وڃي، گھر جا وڏا يا سرپرست ان مدني طريقي کي نافذ ڪن ته الله پاڪ جي رحمت سان اُميد آهي ته اسان جا ٻار، ننڍڙي عمر کان ئي الله الله الله ڪرڻ سکي ويندا، نعتون پڙهندا، دُرودوسلام پڙھندا، اهو مدني طريقو اپنائڻ جي برڪت سان ٻارن جي مدني تربيت سان گڏوگڏ هر گھر ۾ سُنّتن جون مدني بهارون اچڻ شروع ٿي وينديون، هي مدني طريقو اپنائڻ جي برڪت سان هر گھر امن جو گهوارو بڻجي ويندو، هي مدني طريقو اپنائڻ جي برڪت سان گھر مان