Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
۽ مون کي اها ئي توقع آهي ته هاڻي اسان جو گهر خير ۽ برڪت سان ڀرجي ويندو[1].
حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا فرمائن ٿيون ته ان کان پوءِ اسان رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي هنج ۾ کڻي مڪي شريف کان پنهنجي ڳوٺ روانا ٿياسين ته منهنجو اهو ئي خچر هاڻي ايترو ته تيز هلڻ لڳو جو ڪنهن جي به سواري ان جي دَزَ کي به نه ٿي پهچي سگھي. قافلي جون عورتون حيران ٿي مون کي چوڻ لڳيون ته اي حليمه!رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا ڇا هي اهو ئي خچر آهي؟ جنهن تي تون سوار ٿي آئي هئينءَ يا ڪو ٻيو تيز هلڻ وارو خچر تو خريد ڪيو آهي؟ بالآخر جڏهن اسان پنهنجي گهر پهتاسين اتي تمام سخت ڏڪار پيل هو ۽ جانورن جي ٿڻن ۾ کير سڪي چڪو هو پر منهنجي گهر ۾ پير رکندي ئي منهنجي ٻڪرين جا ٿڻ کير سان ڀرجي ويا. هاڻي روز منهنجون ٻڪريون جڏهن چري گهر واپس اينديون هيون ته انهن جا ٿڻ کير سان ڀريل هوندا هئا. جڏهن ته پوري ڳوٺ ۾ ڪنهن ٻِئي کي پنهنجي جانورن مان کير جو هڪ ڦُڙو به نه ملندو هو. منهنجي قبيلي وارن پنهنجي ڌنارن کي چيو ته توهان به پنهنجي جانورن کي انهي جڳهه چاريو جتي حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جا جانور چرن ٿا. اهڙي طرح سڀ ماڻهو انهي جاءِ تي پنهنجا جانور چارڻ لڳا جتي منهنجون ٻڪريون چرنديون هيون پر هتي ته چراگاهه (يعني چرڻ جي جڳهه) ۽ جهنگ جو ته ڪوبه عمل دخل نه هو هي ته رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي برڪتِ نبوت جو فيض هو جنهن کي مون ۽ منهنجي مڙس کان سواءِ منهنجي قوم جو ڪوبه شخص نٿي سمجهي سگهيو[2].
مطلب ته اهڙي طرح اسان هر وقت هر قدم تي لڳاتار رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪتن جو مشاهدو ڪندا رهياسين ايسيتائين جو ٻه سال پورا ٿي ويا ۽ مون