Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي کير پيارڻ ڇڏائي ڇڏيو. حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تندرستي ۽ نشونما جو حال ٻين ٻارن کا ايترو سٺو هو جو ٻن سالن ۾ رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام وڏا معلوم ٿيڻ لڳا، هاڻ اسان دستور موجب رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ان جي والده وٽ وٺي آياسين ۽ ان حسبِ توفيق اسان کي انعام ۽ اڪرام سان نوازيو[1].
توڙي جوقاعدي موجب هاڻي اسان کي رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي پاڻ وٽ رکڻ جو ڪوبه حق نه هو پر حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نبوت جي برڪت جي ڪري هڪ گهڙي جي لاءِ به اسان کي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جدائي پسند نه هئي. عجيب اتفاق جو ان سال مڪي معظّمه ۾ وبائي بيماري پکڙيل هئي تنهنڪري اسان ان وبائي بيماري جو بهانو ڪري حضرت بيبي آمنه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا کي راضي ڪري ورتو ۽ پوءِ رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي واپس پنهنجي گهر آندو ۽ پوءِ اسان جو گهر رحمتن ۽ برڪتن جي کاڻ بڻجي ويو ۽ رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان وٽ نهايت خوش و خرم رهڻ لڳا جڏهن حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجهه وڏا ٿيا ته گهر کان ٻاهر نڪرندا ۽ ٻين ٻارن کي کيڏندي ڏسندا هئا پر پاڻ هميشه هر قسم جي راند روند کان پري رهندا هئا[2]. هڪ ڏينهن مون کي چوڻ لڳا ته پياري امان! منهنجا ٻيا ڀائر ڀينرون سڄو ڏينهن نظر نٿا اچن اُهي هميشه صبح جو اٿي روزانو ڪاڏي هليا ويندا آهن؟ مون چيو اهي ٻڪريون چارڻ ويندا آهن اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مهربان امان! توهين مون کي به منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ موڪلينديون ڪريو. تڏهن رحمت عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اصرار کان مجبور ٿي حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا پنهنجي ٻارن سان گڏ ٻڪريون چارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ حَضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روزانو جتي حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جون ٻڪريون چرنديون هيون اُتي