Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

تشريف کڻي ويندا رهيا ۽ ٻڪريون چراگاهه ۾ ڪاهي وڃي انهن جي سار سنڀال ڪرڻ لڳا، جيڪا تمام انبياءِ ڪرام ۽ رسولن عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي سنّت آهي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي عمل سان ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي هڪ خصلتِ نبوت جو اظهار فرمائي ڇڏيو[1]۔

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي باري ۾حضرتِ سَيدُنا شاھ وَلِي الله محدثِ دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان هڪ ڀيرو ان محفلِ ميلاد ۾ حاضر ٿيس، جيڪا مڪي شريف ۾ رَبِيعُ الاَوَّل جي ٻارهين تاريخ تي مولدُ النبي (يعني سرڪارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت گاھ) ۾ منعقد ٿي، جنهن وقت ولادت جو ذڪر پڙھيو پئي ويو ته مون ڏٺو ته اوچتو ان مجلس مان ڪجھ انوار بُلند ٿيا، مون انهن انوارن تي غور ڪيو ته معلوم ٿيو ته اهي رحمتِ الٰهي ۽ انهن ملائڪن جا انوار هئا جيڪي اهڙين محفلن ۾ حاضر ٿيندا آهن۔ (سيرتِ مصطفٰي ،ص ۷۲-۷۳)

اے فَرشِیو مبارَک اے عَرشِیو مبارَک                         دونوں جہاں کے سروَر تشریف لا رہے ہیں

(وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۳۰۱)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته جشنِ عيد ميلادُالنبي جي محفل ۾ ربِّ ڪريم جي رحمتن جو نزول ٿيندو آهي، اَنوارِ الٰهي جي برسات ٿيندي آهي، رحمت جا ملائڪ ميلاد شريف جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا آهن ۽ ميلاد ملهائڻ وارن کي پنهنجي نوراني پرن سان گھيري وٺندا آهن، ميلاد شريف ملهائڻ وارن سان رب ڪريم خوش ٿيندو آهي ۽ ان تي پنهنجن انعامن ۽ نوازشن جي بارش به ڪندو آهي۔ يقيناً ميلاد شريف ملهائڻ، ميلاد جي مهيني ۾ پنهنجن گھرن، محلي جي گهٽين بلڪ پنهنجي گاڏين کي مدني پرچمن،


 

 



[1]مدارج النبوت، قسم دوم، باب اول، ج 2، ص21