Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
جڳمڳ ڪندڙ قُمقُمن، رنگ برنگي لائٽن سان سجائڻ، ربيع الاوّل جو چنڊ نظر ايندي ئي نيڪ عمل ۽ درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ ۽ ميلاد شريف جي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ اجر ۽ ثواب جو سبب ۽ مغفرت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. اسان کي به گهرجي ته جڏهن به سنتن ڀري اجتماع يا مدني مذاڪري ۾ حاضريءَ جي سعادت ملي ته باادب انداز ۾ توجھ سان ٻڌڻ جي عادت بڻايون. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن
خليفهءِ مفتيءِ اعظم هند، محدثِ اعظم حجاز حضرت شيخ سيد محمد بن علوي مالڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: منهنجي والد حضرت سَيد عباس مالڪيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻڌايو: آئون بيتُ المقدس ۾ ٻارهين شريف جي رات محفلِ ميلاد ۾ شريڪ هئس، مون ڏٺو ته هڪ پوڙهو شخص ابتداء کان وٺي آخر تائين انتهائي ادب ۽ احترام سان بيهي محفل ميلاد ۾ شريڪ هو، جڏهن ڪنهن سڄي محفل بيهي ٻڌڻ جو سبب پڇو ته ان ٻڌايو ته هو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪرِ خير ٻڌڻ وقت تعظيم طور بيهڻ کي بدعتِ سيئه (برو عمل) سمجھندو هيو۔ هڪ ڏينهن خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ تمام وڏي اجتماع ۾ شريڪ آهي ۽ ماڻهو نبي ڪريم، روفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ بيٺا آهن، جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد ٿي ته تمام ماڻهن اِنتهائي ادب ۽ اِحتِرام سان حُضُور جو استقبال ڪيو، پر اهو سندن جي تعظيم ۾ بيٺو نه هو، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي فرمايو: ”تون هاڻي بيهي نه سگھندين“جڏهن ان جي اک کلي ته ان ڏٺو ته اهو ان وقت به ويٺل آهي۔ ان پريشاني ۾ هڪ سال گُذري ويو پر اهو بيهي نه سگھيو، آخرڪار ان اها باس باسي ته جيڪڏهن الله پاڪ مون کي ان مرض کان شفاياب فرمايو ته مان محفلِ ميلاد شُروع کان آخر تائين بيهي ٻڌندس۔ ان باس جي برڪت سان الله پاڪ ان کي صحت عطا فرمائي، هاڻي ان جو اهو معمول بڻجي ويو ته هو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۾ سڄي محفل بيهي ٻڌندو آهي۔ (الاعلام بفتاوي ائمۃ الاسلام حول مولده عليه السلام ص ۹۴)