Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
جي مرضن کان، بي حيائي جي مرضن کان، فحاشي جي مرضن کان، دِل کي غفلت جي مرض کان شِفَا ڏئي اسان کي الله پاڪ جو قُرب ڏياريندي آهي، دِل کي پاڪ صاف ڪندي ۽ اسان کي نيڪ انسان بڻائيندي آهي پر جڏهن ٻانهو اڪيلو نماز پڙھندو ته هو انهن تمام بيمارين کان پُوري طرح مقابلو نه ڪري سگھندو، نفس اُن کي ڌوڪو ڏيندو، شيطان ان کي وسوسا وجھي ان جي نماز ۾ خلل پيدا ڪندو، جڏهن ته اهو ٻانهو جيڪر باجماعت نماز ادا ڪري ته جماعت ۾ ڪو ٻانهو الله پاڪ جو مقبول هوندو، ڪنهن ۾ خشوع و خضوع جي نعمت هوندي، ڪنهن ۾ عاجزي ۽ انڪساري وڌيڪ هوندي، ڪو وڌيڪ خوفِ خُدا وارو هوندو، ڪو زُهد و تقويٰ وارو هوندو، ايئن اهي تمام ڪيفيتون گڏجي ڄڻ هڪ معجون جي صُورت اختيار ڪري وينديون، پوءِ اهڙي ڪيفيت سان پڙھيل جيڪا نماز هوندي، اها اِن شَآءَ الله الڪرِيم! مُعَاشَري کي بيمارين کان چڱي طرح پاڪ ڪري ڇڏيندي، دِل کي دُنياوي خواهشن کان، بُرائي ۽ بي حيائي کان، غفلت کان ۽ ٻين باطني مرضن کان پاڪ صاف ڪري ڇڏيندي۔ (جواہر البیان، صفحہ:83) حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلشَّيطَانُ مَعَ الوَاحِد وَ مِنَ الاِثنَينِ اَبعَد شيطان اڪيلي سان گڏ هوندو آهي ۽ جڏهن ٻه ٿي ويندا آهن ته انهن کان پري رهندو آهي۔ (ترمذی، کتاب: الفتن، صفحہ:522، حدیث:2165) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو الله پاڪ جي لاءِ 40 ڏينهن تڪبيرِ اُوليٰ سان باجماعت نماز پڙھي، ان جي لاءِ ٻه آزاديون لکيون وينديون آهن؛ هڪ آزادي باھ (يعني جهنّم) کان ۽ ٻي نفاق کان آزادي۔ (ترمذی، بابُ: الصّلوٰۃ، صفحہ:78، حدیث:241)
اي عاشقان ِرسول! پاڻ اندازو ڪري وٺو! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جو مبارڪ دَور، تابعين جو مبارڪ دَور، تبع تابعين جو پاڪيزه دَور جڏهن ماڻهو نمازِ باجماعت جو خوب اهتمام ڪندا هئا، ايستائين جو لوهار پنهنجو هٿوڙو لوھ تي هڻڻ جي لاءِ کڻندو هو، هوڏانهن اذان جو آواز ايندو هو ته هٿوڙو لوھ تي هڻڻ بدران ائين ئي رکي نماز جي لاءِ نڪري پوندو هو، چمڙو سبڻ وارو سُئي چمڙي ۾ ڇڏي مسجد ڏانهن روانو ٿي ويندو هو، ڪنهن جي مَصرُوفِيت ان کي