Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

باجماعت نماز کان نه روڪيندي هئي، ان وقت مُعَاشَرو به ڪيترو پاڪيزه هو، ماڻهن جي اکين ۾ حياءُ هو، ماڻهن جي دِل ۾ حياءُ هو، مسلمان هڪٻئي جي خير خواهي ڪندا هئا، ماپ تور ۾ ڪمي نه ٿيندي هئي، غريبن جو خيال رکيو ويندو هو، فحاشي، عرياني کان مُعَاشرو پاڪ هوندو هو۔

۽ اڄ اسان پنهنجو حال به ڏسون! اَفسوس! جماعت ته جماعت، هاڻي ماڻهو نمازون ئي قضاء ڪري ڇڏيندا آهن ۽ شرمساري به ناهي ٿيندي، پوءِ ان جو نتيجو به سڀني جي سامهون آهي؛ اسان جو سماج ڏينهو ڏينهن تنزلي ڏانهن وڌي رهيو آهي، بي حيائي ڏينهو ڏينهن عُرُوج تي وڃي رهي آهي، مُعَاشَري ۾ نااِتِّفاقي، جھيڙو جھٽو، قتل وغارت گري، جرائم، گُنَاھ، ماپ تور ۾ ڪمي وغيره وغيره خباثتون وڌنديون پيون وڃن...! اَفسوس!

مسجدیں مَرْثِیَہ خواں ہیں کہ نمازی نہ رہے             یعنی وہ صاحِبِ اَوْصَافِ حِجَازی نہ رہے

ہر کوئی مَسْتِ مئے ذَوْقِ تَن آسانی ہے                تم مسلماں ہو؟ یہ اندازِ مسلمانی ہے؟

قلب میں سَوز نہیں، رُوح میں اِحْسَاس نہیں          کچھ بھی پیغامِ محمد کا تمہیں پاس نہیں

وہ زمانے میں مُعَزَّز تھے مسلماں ہو کر                  اور تم خوار ہوئے تارِکِ قرآں ہو کر

(کلیات اقبال، صفحہ:336)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 * اي عاشقان ِرسول! مسلمان رِضاءِ الٰهي جي لاءِ پاڻ ۾ هڪٻئي سان محبت ڪن، مُعَاشري ۾ اِتَّفاق ٿئي، مُعَاشري ۾ اِتِّحاد ٿئي، يڪجهتي ٿئي، اسلام اسان کان اهو گھري ٿو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ  اعْتَصِمُوْا  بِحَبْلِ  اللّٰهِ  جَمِیْعًا   (پاره4،سورةآل عمران:103)           

ترجمو ڪنزُ الايمان: ۽ الله جي رسي کي مضبوط ٿي وٺو سمورا گڏجي.