Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: توهان ان وقت تائين جنّت ۾ داخِل نه ٿي سگھندؤ جيستائين ايمان قبول نه ڪيو ۽ توهان ان وقت تائين (ڪامِل) مؤمن نٿا بڻجي سگھو، جيستائين پاڻ ۾ محبت نه ڪرڻ لڳو۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان،باب: فی مقاربۃ، جلد:6، صفحہ:423، حدیث:8746)

۽ الحمد لله! باجماعت نماز جي صُورت ۾ جڏهن سڀئي مسلمان صَفون ٻڌندا آهن، ڪو امير هجي يا غريب، بادشاھ هجي يا وزير سڀئي ڪلهو ڪلهي سان ملائي هڪ امام جي پيروي ۾ نماز ادا ڪندا آهن، نماز کان پوءِ پاڻ ۾ سلام ۽ مُصَافحو ڪندا آهن، هڪٻئي سان حال اَحوال پڇڻ جو موقعو ملندو آهي، امير غريبن جي حال سان واقف ٿيندا آهن ته انهن جي دِل ۾ همدردي پيدا ٿيندي آهي، گنهگار نيڪ ماڻهن جو انداز ڏسندا آهن ته انهن جي دِل ۾ گُنَاهن کان نفرت پيدا ٿيندي آهي، عالم سڳورن سان ملي جاهل عِلم سکندا آهن، اهڙي طرح روزانو پنج وقت مسجد ۾ حاضِري جي ذريعي پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي، اِتِّفاق ۽ اِتّحاد پيدا ٿيندو آهي، پاڻ ۾ هڪٻئي سان خير خواهي جا جذبات وڌندا آهن ۽ سماج ۾ بهتري پيدا ٿيندي آهي، اهڙي طرح هڪ اسلامي سماج باجماعت نماز جي برڪت سان مِثَالِي سماج بڻجي ويندو آهي۔

 پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي باجماعت نماز جي انهن عظيم فائدن کي سامهون رکندي ٿورو پنهنجي پاڻ تي به غور ڪندا وڃو! اڄ جيڪڏهن ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ جو گريبان پڪڙي رهيو آهي ته ڇو؟ اڄ هڪ ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ جي ترقي ڏسي حَسَد جي باھ ۾ سڙي رهيو آهي ته ڇو؟ سيني ۾ بغض ۽ ڪينو ڀريل آهي ته ڇو؟ لڙائي جھيڙا عام ڇو ٿي رهيا آهن؟ گھر اَمن جو گهوارو بڻجڻ بدران ميدانِ جنگ ڇو بڻجي رهيا آهن؟ مُعَاشَري ۾ قتل ۽ غارت گري، ڦرلوٽ ڇو عام ٿي رهي آهي؟

ڇا هن سڀني جو اَصل سبب اهو نه آهي ته اسان اسلام جي ٻڌايل انهن طريقن کي ڇڏي ڏنو آهي، جن تي عمل ڪرڻ سان پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي،