Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
ڪرڻ جو حڪم اِرشاد فرمايو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام گڏجي ڪعبي شريف کي ٻيهر تعمير ڪيو۔ (بخاری، کتاب: احادیث الانبیاء، صفحہ:858تا860، حدیث:3364خلاصۃً)
حضرت ابُو ذَر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! زمين تي سڀ کان پهرين ڪهڙي مسجد بڻائي وئي؟ ارشاد فرمايائون: مَسجِد حرام (يعني خانه ڪعبه شريف)۔ مون ٻيهر عرض ڪيو: ان کان پوءِ ڪهڙي مسجد تعمير ٿي؟ اِرشاد فرمايائون: مَسجِدِ اَقصٰي۔ مون عرض ڪيو: انهن ٻنهن جي تعمير جي وچ ۾ ڪيتري مُدَّت آهي؟ ارشاد فرمايائون: 40 سال۔ (مسلم، کتاب:المساجد و مواضع الصلاۃ، صفحہ:194، حدیث:520)
يعني خانه ڪعبه شريف مَسجِدِ اَقصٰي کان 40 سال پهرين تعمير ڪيو ويو، عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن حديثِ پاڪ جي مُراد اها آهي ته جڏهن حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام مَسجِدِ اَقصٰي جو بنياد رکيو، ان کان 40 سال پهريان حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ڪعبي شريف کي تعمير ڪيو۔ (انس الجلیل، جلد:1، صفحہ:71)
مَعلُوم ٿيو طوفانِ نُوح کان پوءِ پهرين جيڪا مَسجِد تعمير ٿي، اها به ڪعبو شريف ئي آهي، سُبحٰنَ الله! اهو آهي ڪعبي شريف جي اول هئڻ جو شان...!! هاڻي انهن تمام روايتن کي سامهون رکي ٻڌو! الله پاڪ ڪعبي شريف جي شان ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:
اِنَّ اَوَّلَ بَیْتٍ وُّضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِیْ بِبَكَّةَ (پاره4،سورةآلِ عمران:96)
ترجمو ڪنزلايمان: بيشڪ سڀ کان پهريون گهر جيڪو ماڻهن جي عبادت لاءِ مقرر ٿيو اهو آهي جيڪو مڪي ۾ آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان شروع ۾ ٻڌو ته غير مسلم ماڻهن مسلمانن تي اعتراض ڪندي چيو هو ته بيت المقدس جيئن ته مُلڪ شام ۾ آهي ۽ مُلڪ