Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
والده هاجره کي مڪهءِ مڪرمه ۾ ڇڏي اچو۔
الله اڪبر! جان کان پيارو سڪيلڌو پٽ ۽ اهو به جيڪو سالن کان پوءِ عطا ٿيو هو، اڃا کيرپياڪ ٻار هو، جو ان کان جُدائي جو حڪم ٿيو، هڪ پيء جي دِل هن جُدائي کي ڪيئن قبول ڪري سگھي ٿي؟ پر قربان وڃو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي اطاعت واري جذبي تي! بَس حڪم ملڻ جي دَير هئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي مالِڪ اڳيان پنهنجو مٿو جهڪائي ڇڏيو۔ ان حڪم تي عمل جي لاءِ مُلڪِ شام مان صِرف 3 ڀاتين تي مشتمل هڪ قافلو مڪي شريف ڏانهن روانو ٿيو، ان نوراني قافلي ۾ هڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام، هڪ سندن پُٽ حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ هڪ ان جي والده حضرت هاجره رحمة الله عليها آهن ۽ جڳھ جي نشاندهي جي لاءِ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام به ساڻ هئا۔
ڏينهن رات سفر ڪندي ڪندي اهو نوراني قافلو آخر هڪ ڏينهن جبلن جي ڪشادي دامن ۾ پهتو، اتي پري پري تائين ڪا آبادي نه هئي، نه ڪو چشمو، نه پاڻي، نه زِندگي گذارڻ جا ٻيا اسباب، ڪعبي شريف جي زمين اُن وَقت دڙي جي مثل اُونچي زمين هئي، هتي پهچي حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام بَس هي ئي اها جڳھ آهي۔ اهو ٻڌي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام سُواري تان لهي، پنهنجي ننڍڙي شهزادي حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ اُن جي والده کي ان دڙي جي ڀرسان لاٿو، ڪجھ کجورون ۽ ٿورو پاڻي ڏئي واپس موٽي ويا۔ حضرت هاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! اسان کي هتي غير آباد جڳھ ۾ ڪنهن جي سهاري ڇڏي وڃو ٿا؟ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام خاموش رهيا، ڪو جواب نه ڏنائون، حضرت هاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها ڪافي ڀيرا پڇيو پر حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام خاموش رهيا، آخِر عرض ڪيائون: ڇا الله پاڪ اوهان کي هن جو حڪم ڏنو آهي؟ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: ها! الله پاڪ جو حڪم آهي، بَس اهو ٻڌڻ هو جو الله پاڪ جي نيڪ ٻانهيء حضرت هاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها بي مِثَال تَوَڪل ۽ پڪي ايمان جو ثبوت ڏيندي عرض