Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

ڪيو:  ته پوءِ خير سان وڃو! الله پاڪ اسان کي هتي ضايع نه فرمائيندو۔

پوءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام واپسي جي لاءِ نڪري پيا، ٿورو پري وڃي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ٻئي هٿ کنيا ۽ بَيتُ الله شريف ڏانهن چهرو ڪري دُعا گھري:

رَبَّنَاۤ اِنِّیْۤ اَسْكَنْتُ مِنْ ذُرِّیَّتِیْ بِوَادٍ غَیْرِ ذِیْ زَرْعٍ عِنْدَ بَیْتِكَ الْمُحَرَّمِۙ -رَبَّنَا لِیُقِیْمُوا الصَّلٰوةَ فَاجْعَلْ اَفْىٕدَةً مِّنَ النَّاسِ تَهْوِیْۤ اِلَیْهِمْ وَ ارْزُقْهُمْ مِّنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُمْ یَشْكُرُوْنَ(۳۷) (پاره13،سورة ابراهيم:37)

ترجمو ڪنزالايمان: اي منهنجا رب مان پنهنجي ڪجھ اولاد هڪ واديءَ ۾ رهائي آهي تنهنجي عزت واري گهر وٽ اي منهنجا رب هن جي واسطي ته اهي نماز قائم رکن پوءِ ماڻهن جي دل ڪجھ انهن جي طرف لاڙي ڇڏ ۽ کائڻ جي واسطي انهن کي ڪي ميوا عطا ڪر من اهي شڪر ڪن.

جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام واپس موٽي ويا، حضرت هاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها وٽ پاڻي ختم ٿي ويو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها پاڻي جي ڳولا ۾ صَفَا ۽ مَروَه نالي ٻن جبلن تي 7 چڪر لڳايا، آخر حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي قدم مُبَارَڪ يا حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام جي پَر هڻڻ سان زم زَم جو چشمو ظاهر ٿيو، ڪجھ عرصي کان پوءِ قبيله جُرهم جا ماڻهو به هتي اچي آباد ٿي ويا، اهڙي طرح حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي گھريل دُعا پُوري ٿيڻ شروع ٿي۔

پوءِ جڏهن حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي عمر مبارڪ 7 سال يا 13 سال يا ان کان ڪجھ وڌيڪ ٿي ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي پُٽ جي قرباني پيش ڪرڻ جو حڪم ٿيو، هاڻي به حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ ڪنڌ جھڪايو، مڪي شريف آيا ۽ پٽ جي قرباني پيش ڪرڻ چاهي پر الله پاڪ جنّت مان گهيٽو موڪليو، ان کي حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي فِديي ۾ قربان ڪيو ويو، ان کان پوءِ الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڪعبو شريف تعمير