Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

ٽڪري تي ڪعبو شريف مَوجُود آهي، اهو زمين جو حصو سڀ کان پهريان پيدا ڪيو ويو ۽ هتان کان سڄي زمين پکيڙي وئي۔

اَصل ۾ جڏهن اها زمين نه هئي، آسمان به نه هو، عَرشِ الٰهي پاڻي تي هو، الله پاڪ زَور دار هوا موڪلي، جنهن سان پاڻي ۾ وڏيون لهرون پيدا ٿيون، انهن لهرن مان پاڻي تي جهڳ بڻي، پوءِ ان مان بُخَارات مٿي اٿيا، انهيء بُخارات کي الله پاڪ بلند ڪيو ۽ ان مان آسمان بڻايو۔ ان ڪري الله پاڪ آسمان کي ”دُونھون“ فرمايو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

وَ هِیَ دُخَانٌ  (پاره24،سورةحٰمٰ السجدة:11)  

ترجموڪنزالايمان: ۽ آسمان دونهون هو.

پوءِ پاڻي تي جيڪا جهڳ بڻي هئي، الله پاڪ ان جهڳ کي ڦھلائي ڇڏيو، هن مان اسان جي هيءَ زمين بڻي۔ هن طرح پهريان زمين بڻائي وئي، پوءِ آسمان بڻايا ويا، پوءِ آسمانن جي تخليق مڪمل ٿيڻ کان بعد زمين کي پکيڙيو ويو، الله پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو:

وَ الْاَرْضَ بَعْدَ ذٰلِكَ دَحٰىهَاؕ(۳۰) (پاره30،سورةالنازعات:30)

ترجمو ڪنزالايمان:  ۽ ان کان پوءِ زمين پکيڙيائين

حضرت عبد الله بن عَبَّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡهما کان رِوَايت آهي ته جنهن جڳھ اها جهڳ بڻجي هئي، زمين جو اهو ئي مُبَارَڪ حصو آهي، جتي اڄ ڪعبو شريف مَوجُود آهي۔ حضرت مُجَاهِد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: زمين جو اهو حصو جتي هاڻي ڪعبو شريف مَوجُود آهي، اهو زمين جي تخليق کان ٻه هزار سال پهريان بڻايو ويو هو ۽ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان رِوايت آهي: اڃا زمين جي پيدائش نه ٿي هئي، ان کان 2 هزار سال پهريان ڪعبو شريف پاڻي ۾ هڪ دڙي جيان هو، اتي 2 ملائڪ الله پاڪ جي تسبيح ڪندا هئا، پوءِ جڏهن الله پاڪ زمين جي پيدائش جو ارادو ڪيو ته انهيء ٽڪري مان زمين کي ڦھلائي ڇڏيو۔ (سبل الھدی، الباب الاول ،