Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
رِوايت نه ڪندؤ پر صِرف حق ڳالھ۔ ڪعبي شريف جو طواف هيئن شُروع ٿيو جو جڏهن الله پاڪ ملائڪن کي ٻڌايو ته مان زمين ۾ پنهنجي خليفي (يعني حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام) کي بنائڻ وارو آهيان، انهن ملائڪن اهو ظاهر ڪيو ته اسان خلافت جا وڌيڪ حق دار آهيون، ان تي الله پاڪ ارشاد فرمايو:
قَالَ اِنِّیْۤ اَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ(۳۰) (پاره1،سورةالبقرة:30)
ترجمو ڪنزالايمان: فرمايائين جيڪي توهان نٿا ڄاڻو سو مونکي معلوم آهي.
الله پاڪ جو اهو اِرشاد ٻُڌي ملائڪن کي لڳو ته شايد اسان جي هن ڳالھ سبب الله پاڪ اسان کان ناراض آهي، پوءِ ملائڪن عرشِ الٰهي جي پناھ ورتي، پنهنجن نگاهن کي مٿي کڻي عاجزي ڏيکاري، گھڻو رُنا ۽ ست (7) سال تائين عرشِ الٰهي جو طواف ڪندا رهيا، آخر الله پاڪ انهن ڏانهن رحمت ڀري نگاھ فرمائي ۽ عرش جي هيٺان انهن جي لاءِ 4 ٿنڀن وارو، زَبَرجَد جو هڪ گھر بڻايو ۽ ملائڪن کي فرمايو: هن گھر جو طواف ڪيو۔ پوءِ ملائڪ ان گھر جو طواف ڪرڻ لڳا، انهيء کي بَيتُ المَعمُور چيو ويندو آهي. پوءِ الله پاڪ ڪجھ ملائڪن کي زمين تي موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته زمين تي به بَيتُ المَعمُور جهڙو ۽ ان جيترو هڪ گھر بڻايو۔ پوءِ جڏهن اهو گھر ٺهي ويو ته الله پاڪ زمين جي مخلوق کي حڪم ڏنو: جيئن آسمان وارا ”بَيتُ المَعمُور “ جو طواف ڪن ٿا، توهان به هن گھر جو طواف ڪيو...!!
(اخبارِ مکہ للازرقی، ذکر بناءالملائکۃالکعبۃ، صفحہ:27تا29)
هڪ رِوَايت جي مُطَابِق حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان، بَيتُ المَعمُور جي بلڪل سِڌائي ۾ ملائڪن ڪعبي شريف جي عِمَارت بڻائي، اهو گھر ايراضي ۾ بَيتُ المَعمُور جي برابر هو، ان وَقت ڪعبي شريف جو طواف ته صِرف زميني ملائڪ ڪندا هئا پر ان جو حج زمين و آسمان جا سمورا ملائڪ ڪندا هئا۔ (تفسیر خازن، پارہ:4، آلِ عمران، تحت الآیۃ:96، جلد:1، صفحہ:271)