Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

طور هڪ رِوَايت مُطَابق ملائڪن جڏهن ڪعبو شريف تعمير ڪيو ته ان جي ڪجھ عرصي کان پوءِ الله پاڪ جي حڪم سان ملائڪن ئي مَسجِدِ اَقصٰي جي پهرين تعمير ڪئي، هڪ رِوَايت مُطَابِق سڀ کان پهريان حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام مَسجِدِ اَقصٰي تعمير ڪئي هئي۔ البت طوفانِ نُوح کان پوءِ ڪعبو شريف پهريان تعمير ٿيو يا مَسجِدِ اَقصٰي پهريان تعمير ٿي، هن حوالي سان هڪ رِوَايت اها آهي ته طوفانِ نُوح کان پوءِ سڀ کان پهرين مَسجِدِ اَقصٰي جو بنياد حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام رکيو، هڪ ڏينهن حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي مامي وٽ وڃي رهيا هئا، راھ ۾ هڪ هنڌ تي رات ٿي وئي، حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ پٿر سان ٽيڪ لڳائي آرام ڪرڻ لڳا، ان وَقت خواب ئي ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام تي وحي نازِل ٿي ۽ انهيء خواب ۾ الله پاڪ کين بيت المقدس (يعني مَسجِدِ اَقصٰي) تعمير ڪرڻ جو حڪم اِرشاد فرمايو۔ (تاریخ طبری، ذکر اسحاق بن ابراہیم، جلد:1، صفحہ:191)

اي عاشقانِ رسول! هن رِوَايت مان مَعلُوم ٿيو ته طوفانِ نُوح کان پوءِ مَسجِدِ اَقصٰي جي پهرين تعمير حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام ڪئي جڏهن ته حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام اڃا دُنيا ۾ پيدا ئي نه ٿيا هئا جو سندن ڏاڏي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام مڪي پاڪ ۽ ڪعبه شريف جي آباد ڪاري جو انتظام شروع ڪري ڇڏيو هو ۔

وڏو مشهور واقعو آهي، بخاري شريف ۾ موجود به آهي، ان جو خلاصو ڪجھ هيئن آهي ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام وٽ اولاد نه هو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھري: ياالله پاڪ! مون کي نيڪ پُٽ عطا فرماءِ۔ حضرت ابراهيم خليل الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي زبانِ مُبَارَڪ مان نڪتل دُعا قبول ٿي، ڪجھ ئي عرصي کان پوءِ الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي هڪ چنڊ جھڙو خوبصورت، هوشيار، نيڪو ڪار، بااخلاق ۽ باڪردار پٽ عطا ڪيو، جنهن جو نالو ”اسماعيل“ رکيو ويو۔

پُٽ جي وِلادت کي اڃا ڪجھ ئي ڏينهن گذريا هئا جو الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو: اي ابراهيم! پنهنجي پُٽ اسماعيل ۽ سندس