Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

ثابت ٿيو ته مدينو پاڪ سڄي دنيا کان افضل ۽ اعليٰ، سٺو ۽ بهترين آهي. ([1]) 

سارے نبیوں کا سَرور، مدینے میں ہے            سب رَسولوں کا اَفْسر، مدینے میں

لُطْف جنّت  سے بڑھ کر مدینے میں ہے                 میٹھے مَحْبُوب کا گھر، مدینے میں ہے ([2])

مديني ۾ مرڻ افضل آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن ته  محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مديني پاڪ ۾ آهن، ان ڪري علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: سڄي دنيا مان مديني پاڪ ۾ مرڻ (۽ اتي ئي دفن ٿيڻ) افضل آهي (ڇاڪاڻ ته ائين پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿي ويندو آهي) ([3]) 

اے کاش! مدینے میں   مجھے موت یوں   آئے      چوکھٹ پہ تِری سر ہو مِری روح چلی ہو ([4])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پياري آقا جي پياري تمنا ...!!

 مؤطا امام مالڪ حديث پاڪ جو سڀني کان پهريون ڪتاب آهي، عظيم عاشقِ رسول حضرت امام مالڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان ۾ حديثون جمع ڪيون آهن. هن مبارڪ ڪتاب ۾ هڪ روايت آهي، هڪ دفعي ڪنهن جو انتقال ٿي ويو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي نمازِ جنازه پڙهائي، ميت کي قبرستان ڏانهن کڻي ويا، اڃان قبر تيار ٿي رهي هئي، تنهنڪري رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اتي تشريف فرما ٿيا ۽ قبر تيار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ قبر جي اندر جهاتي پائي ڏٺو ۽ چيائين: بِئْسَ ‌مَضْجَعُ الْمُؤْمِنِ يعني هي مؤمن جو ڪيڏو نه خراب ٺڪاڻو آهي. 

محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته فرمايائون:


 

 



[1]...جذبُ القلوب، صفحہ:20بتصرف۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:489-490۔

[3]...مرقاۃ المفاتیح، کتاب المناسک، باب حرم المدینہ...الخ، جلد:5، صفحہ:640، زیرِ حدیث:2757۔

[4]... وسائل بخشش، صفحہ:314۔