Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي اولاد مان آهن.([1]) يعني اوهان کي فيضانِ عشق، عاشقِ اڪبر کان ئي نصيب ٿيو هو. * اوهان اصل ۾ سيالڪوٽ (پنجاب، پاڪستان) جا رهائشي هئا، هتان کان سفر فرمايائون ۽ بغداد کان ٿيندا مديني شريف حاضر ٿيا، هن شهرِ پاڪ جي فضائن سان ايتري دلچسپي هئي جو هتان جا ئي ٿي رهجي ويا. ([2]) پاڻ 70 سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو مديني پاڪ ۾ گذارڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
پون سو سال تک مدینے میں تم نے بانٹی ضِیا، ضِیاءُ الدِّین ([3])
مدينو ڇڏي انهن جو ديوانو نه ويندو ...!!
سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي اُتي (مديني ۾) قيام جي دوران ڪيتريون ئي تڪليفون به آيون، اهي حاسد جيڪي چاهيندا هئا ته پاڻ هتي نه رهن، عاشقن جون دليون ٿڌيون نه ڪن، انهن ڪيترائي ڀيرا سندن کي هتان ڪڍرائڻ جون ڪوششون به ڪيون، ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي اوهان جون ڪوڙيون شڪايتون به ڪيون پر... هي شهرِ مدينه آهي.
یہاں مَرضی نہیں چَلتی کسی کی مدینے والا ہی بُلْوا رہا ہے
جنهن کي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رهائڻ چاهن، ان کي ڀلا ڪير ڪڍي سگهي ٿو...؟ سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ دفعي ڪنهن حاسد ڪُوڙي شڪايت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوبت ايسيتائين وڃي پهتي جو پوليس منهنجو سامان گهر مان ڪڍي گهٽيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ چيو: هاڻي توهان هتي نه ٿا رهي سگهو. فرمائن ٿا: پوليس وارا گهٽيءَ ۾ ئي موجود هئا، سامان به گهٽيءَ ۾ ئي رکيل هو، مان به اتي ئي موجود هيس، جيئن ئي پوليس وارن جو ڌيان هيڏي هوڏي ٿيو، مان فوراً لِڪَ ڇُپَ ۾ حرم پاڪ جي طرف نڪري ويس.
ٹُوٹ پڑتی ہیں بَلائیں جِن پر، جن کو ملتا نہیں کوئی یاوَر
ہر طرف سے وہ پُراَرماں پِھر کر اُن کے دامن میں چھپا کرتے ہیں