Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

ڪتاب جي جنت ۾ وڃڻ به نصيب ٿيندو، پر ياد رکو! هي سڀ فضيلتون صرف عاشقانِ رسول جي لاءِ آهن، بدمذهبن ۽ غير مسلمن جي لاءِ اهي فضيلتون نه آهن، نه ته غور ڪريو ته! ڪيترا ئي منافق، بلڪه منافقن جو سردار عبدالله بن اُبَيّ بن سَلُول به هتي دفن آهي، اهو يقيناً عذاب جو حقدار آهي. 

          الله پاڪ فرمائي ٿو: 

اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغْفِرُ اَنْ یُّشْرَکَ بِہٖ

(پارو: 5، سورہ نساء: 48)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ان ڳالهه کي ناهي بخشيندو جو ساڻس شرڪ ڪيو وڃي.

معلوم ٿيو ته بخشش ملڻ ۽ عذاب کان بچڻ جو سڀ کان پهريون شرط عقيدي جي درستگي آهي، جيڪڏهن عقيدو درست آهي ته ڪيتريون ئي فضيلتون آهن ۽ جيڪڏهن عقيدو ئي درست نه آهي ته سمجهي ڇڏيو ته! ٻانهو ٻُڙِي يعني (Zero) آهي. الله پاڪ اسان کي سچن ۽ درست اسلامي عقيدن تي استقامت عطا فرمائي. ڪاش! ايمان جي سلامتي سان، عافيت سان، سبز گنبذ جي سائي ۾، سونهري ڄارين جي سامهون مرڻ ۽ بقيع پاڪ ۾ دفن ٿيڻ نصيب ٿي وڃي. 

اے کاش! مدینے میں   مجھے موت یوں   آئے      چوکھٹ پہ تری سر ہو مری روح چلی ہو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

قربانيءَ جون کَلُون دعوتِ اسلامي کي ڏيو!

      پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن نيڪ ڪمن ۾ توهان به پنهنجو حصو شامل ڪريو! عيدالاضحيٰ ويجهو آهي، عاشقانِ رسول قرباني جي سعادت حاصل ڪندا. التجا آهي ته! پنهنجي پنهنجي جانور جي کَلَ دعوتِ اسلامي کي ڏيو! توهان جي ڏنل رقم يا کَلَ جي ذريعي سموري دنيا ۾ ديني، اصلاحي، روحاني ۽ فلاحي ڪم ٿيندا، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توهان جي لاءِ صدقهءِ جاريه ٿيندو. ان سان گڏوگڏ پنهنجي گهٽي ۽ محلي ۾، پنهنجن عزيزن ۽ مائٽن کي فون وغيرهه ڪري به ان جي ترغيب ڏياريو! پنهنجي ڪوشش سان کَلُون جمع به ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون