Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

۽ سڪون سان روانا ٿيو...! ڇاڪاڻ ته اهو رستو سڌو شفاعتِ مصطفيٰ تائين پهچائيندو آهي. 

پنهنجي پُوري ڪوشش ڪيو ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي ذهن ۾ به ٿي سگهي ٿو اهو سوال پيدا ٿي رهيو هجي ته موت ته اسان جي اختيار ۾ نه آهي. اسان نه پنهنجي مرضيءَ سان پيدا ٿيا آهيون، نه ئي مرڻ اسان جي اختيار ۾ آهي. 

لائی حیات آئے، قضا لے چلی چلے                                             اپنی خوشی نہ آئے، نہ اپنی خوشی چلے

جڏهن معاملو اهڙو آهي، جو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي مرڻ جي جاءِ جو انتخاب ئي نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ اهڙي ترغيب ڇو ڏني وئي آهي؟ ڇو چيو ويو آهي ته مديني ۾ مرو ...! ان جو مطلب ڇا آهي؟ علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مطلب هي آهي ته پنهنجي پوري ڪوشش ڪيو...!! سموري طاقت ان تي خرچ ڪيو ته مون کي موت  مديني ۾ اچي. ([1])   

يعني اسان کي مرڻو ڪٿي آهي، اهو ته الله پاڪ جي مرضي تي آهي، اسان جي ذمي هي آهي ته اسان مديني ۾ مرڻ جي جيتري به ڪوشش ڪري سگهون ٿا، اها ڪريون. مثال طور: اسان مديني ۾ مرڻ جون دعائون ڪري سگهون ٿا؟ اهو اسان جي وس ۾ آهي...؟ تنهنڪري مديني ۾ مرڻ جون دعائون ڪيو، خوب روئي روئي ڪريو، منٿون ڪري ڪريو، سجدن ۾ وڃي ڪريو، تهجد ۾ اٿي ڪريو: يا الله پاڪ! مديني ۾ موت نصيب فرماءِ. 

نہ اور کوئی تمنّا نہ جُسْتَجُو ٹھہرے                                                       دل و نظر میں مدینے کی آرزو ٹھہرے

دُعا ہے ربّ سے مدینے کا ایک اک مَنْظَر     بَہ وقتِ مَرگ بھی آنکھوں کے رُوبَرُو ٹھہرے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...  فضائِلِ مدینہ، صفحہ:189بتصرف ۔