Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
بڑھتی ہیں اِس میں قَدریں، نیکی کی یاد رکھنا! کرنا نہ وقت ضَائِع، ماہِ حرام آیا
وضاحت: يڪتا: يعني اڪيلو، تنها. ماہِه حرام: يعني عزت ۽ حرمت وارو مهينو.
اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! ڪيڏا نه پيارا ۽ فضيلت وارا ڏينهن آهن، الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي، انهن مبارڪ ڏينهن ۾ خوب عبادت ڪريو! * ذِڪرُ اللہ ڪيو! * تلاوت ڪيو! * نمازون پڙهو! * علمِ دين سکو! * نفلي روزا رکو! * هٿ ۾ تسبيح کڻي وٺو! اڄڪلهه ته ڊجيٽل تسبيح به اچي رهي آهي، اها آڱر ۾ وجهي ڇڏيو! تسبيح موجود هوندي ته گهمندي ڦرندي، اٿندي ويهندي ياد ايندو رهندو ۽ ڪجهه نه ڪجهه ذِڪر ۽ درود زبان تي جاري رهندو.
هڪ اهم ۽ آسان نيڪي انهن ڏينهن ۾ اها به ڪري سگهجي ٿي ته الله پاڪ جي فضل سان وقت جا وليِءِ ڪامل شيخِ طريقت، امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه انهن ڏينهن ۾ روزانو مدني چينل تي لائيو مدني مذاڪرو (يعني سوال جواب جو سلسلو) فرمائيندا آهن. مدني مذاڪرو علمِ دين سکڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ علمِ دين سکڻ افضل ترين نيڪي آهي. مدني مذاڪري جي ذريعي ڄڻ ته اسان افضل ترين نيڪي ڪرڻ جو ثواب حاصل ڪري سگهون ٿا. الله پاڪ اسان کي سٺي نيت نصيب فرمائي، ڪوشش ڪري روزانو مدني چينل تي مڪمل مدني مذاڪرو ڏسو! ۽ توجهه سان ڏسو! جيڪڏهن مڪمل نه ڏسي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ 1 ڪلاڪ 12 منٽ ئي مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو ! انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بي شمار ثواب نصيب ٿيندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
مَدَنی مُذاکرہ ہے شَرِیعت کا خَزِینہ اَخلاق کا تَہْذِیْب کا طَرِیْقَت کا خَزِینہ
هڪ عظيم عاشقِ رسول جو ذڪرِ خير
پيارا اسلامي ڀائرو! 4 ذُو الحج تي هڪ عظيم عاشقِ رسول جو يومِ وصال آهي، اهو عظيم عاشقِ رسول جنهن هزارين ماڻهن کي عاشقِ رسول بڻايو آهي * اهو عظيم عاشقِ رسول جنهن جي سيرت، صورت، چال چلت، کائڻ، پيئڻ، پهرڻ، زندگيءَ جي هر