Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
تون بُري ڳالهه ڪئي آهي. عرض ڪيائون: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجو اهو مقصد نه هو. مان ته اهو چوڻ ٿي چاهيو ته جيڪڏهن هن کي شهادت جو موت نصيب ٿئي ها ته ان جي ڇا ڳالهه هجي ها. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: شهادت جو ته مثال ئي نه آهي، البته! مَا عَلَى الْاَرْضِ بُقْعَةٌ هِيَ اَحَبُّ اِلَيَّ اَنْ يَكُونَ قَبْرِي بِهَا هي خِطو (يعني مدينو پاڪ) اهو زمين جو ٽڪرو آهي جيڪو سڄي دنيا جي نسبت مون کي وڌيڪ پسند آهي ته منهنجي قبر اتي بڻائي وڃي. ([1])
شاہ! تم نے مدینہ اپنایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی
اپنا روضہ اِسی میں بنوایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی
ہر طرف رحمتوں کا ہے سایہ، واہ! کیا بات ہے مدینے کی
خوب رُتبہ عظیم ہے پایا، واہ! کیا بات ہے مدینے کی ([2])
سڌو رستو هي شفاعت جي نگريءَ جو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! علامه سمهودي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: صرف مديني پاڪ جو ئي اهو شان آهي ته باقاعده حديث پاڪ ۾ مديني ۾ مرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي، اهڙي ترغيب دنيا جي ڪنهن به ٻئي شهر جي باري ۾ نه آهي. ([3])
ترغيب ڇا آهي؟ حديث پاڪ ٻڌو! محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنِ اسْتَطَاعَ اَنْ يَمُوتَ بِالْمَدِينَةِ فَلْيَفْعَلْ ، فَاِنِّي اَشْفَعُ لِمَنْ مَاتَ بِهَا يعني جنهن کان ٿي سگهي، اهو مديني ۾ مري، بس جيڪو مديني ۾ مرندو، مان ان جي شفاعت فرمائيندس. ([4])
طیبہ میں مَرکے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند سیدھی سڑک یہ شَہرِ شَفاعَت نگر کی ہے ([5])
وضاحت: نصيب ٿي ته! مديني ۾ موت حاصل ڪيو ۽ اکيون بند ڪري آرام