Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

محمد الياس عطار قادري   دَامَت بَرَکَاتُہمُ العالِیَہ جو رسالو ابلق گھوڙي سوار، مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 30 رپين ۾ جڏهن ته ان ئي موضوع تي ٻارن جي تربيت جي حوالي سان امير اهل سنت جو لکيل هڪ ٻيو رسالو بیٹا ہو تو ایسا، مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان ننڍي سائيز ۾ 60 رپين ۾ ۽ وڏي سائيز ۾ 120 رپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو! هي رسالا پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو! 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                            صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شھنشاہهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ  جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                            جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گوشت کائڻ سنت آهي

      2  فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1) گوشت دنيا ۽ آخرت جي کاڌن جو سردار آهي. ([2]) (2) گوشت کي ڇريءَ سان ڪَٽي نه (بلڪه ڏندن سان) پَٽي کائو، اهو وڌيڪ خوشگوار آهي. ([3]) 

پيارا اسلامي ڀائرو! حلال گوشت کائڻ به سنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي، علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: گوشت پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پسنديدهه ترين کاڌو هو. ([4]) * ٻڪري، ڪُڪُڙ، اُٺ، خرگوش ۽ مڇيءَ جو گوشت


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...معجم اوسط، جلد:7، صفحہ:271۔

[3]...ابو داود، کتاب الاطعمۃ، باب فی اکل اللحم، صفحہ:597، حدیث:3778۔

[4]...المواہب اللدنیہ، المقصد الثالث، الفصل الثالث...الخ، النوع الاول...الخ، جلد:2، صفحہ:128 ۔