Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
دعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
توهان کي خبر آهي؟ مديني ۾ مرڻ جي دعا ڪرڻ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ طريقو آهي. جي ها...!! روايتن ۾ آهي، جڏهن به رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي پاڪ تشريف وٺي ويندا هئا، اتي دعا فرمائيندا هئا: اَللّٰهُمَّ لَا تَجْعَلْ مَنَايَانَا بِهَا حَتَّى تُخْرِجَنَا مِنْهَا يعني اي الله پاڪ...!! اسان کي مڪي ۾ موت نه ڏجان، جيستائين اسان هتان واپس موٽي (يعني مديني پهچي) نه وڃون. ([1])
مَدینے میں آقا ہمیں موت آئے بنے کاش! مَدفن ہمارا مَدینہ ([2])
حضرت انس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته خاتَمُ الْمُرْسَلین، رَحْمَۃٌلِّلْعٰلمین صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو، جيڪو شخص ٻن حرمَن (يعني مدينه منوره ۽ مڪه مڪرمه) مان ڪنهن به هڪ ۾ مرندو، قيامت جي ڏينهن امن وارن ۾ اٿاريو ويندو. ([3])
الله! الله! ڪيڏو وڏو انعام آهي، ڪيڏي وڏي خوشخبري آهي، ڪيڏي وڏي نويد آهي، قيامت جو 50 هزار سالن جو ڏينهن * سج سوا ميل تي هوندو ۽ باهه وَسائي رهيو هوندو * ٽامي جي تَتَل زمين تي اُگهاڙي پيرين بيهاريو ويندو * جنهن ڏينهن پيءُ پٽ کي وساري ويهندو * جنهن ڏينهن ماءُ ڌيءَ کان جان ڇڏائيندي هوندي* جنهن ڏينهن هر ڪنهن کي صرف پنهنجي ئي لڳل هوندي. اهڙي خطرناڪ ڏينهن ۾ جن ماڻهن کي امن ۽ امان نصيب ٿيندو، جيڪي راحت ۾ هوندا، جيڪي سڪون سان اهو ڏينهن گذاريندا، اهي ڪير هوندا؟ ها! ها! اهي جن کي مڪي پاڪ ۾ مرڻ نصيب ٿيو هوندو، جن جو مدفن مدينو بڻيو هوندو. الله پاڪ اسان کي مديني پاڪ ۾ شهادت جو موت نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .